گال -14 جون (اي پي پي ) سريلنڪا ۽ ويسٽ انڊيز جي وومين ٽيمن وچ ۾ ٽي ون ڊي عالمي ميچن تي ٻڌل سيريز جي پهرين ڪرڪٽ ميچ اڄ ( ڇنڇر ) واري ڏينهن گال انٽر نيشنل اسٽيديم گال ۾ کيڏي ويندي . مهمان ويسٽ انڊيز جي وومين ٽيم دوري دوران ميزبان سريلنڪا وومينز ٽيم خلاف ٽي ون ڊي ۽ ٽي -20 ميچن جي سيريز کيڏندي . ٽيمن جي وچ ۾ دوري جي شروعات ڇنڇر واري ڏينهن ون ڊي عالمي ڪرڪٽ ميچ سان ٿيندي، جيڪا گال انٽر نيشنل اسٽيڊيم گال ۾ کيڏي ويندي . ان کانپوءِ ٻنهي ٽيمن جي وچ ۾ ٻي ون ڊي ميچ 18 جون تي کيڏي ويندي جڏهن ته ٽئين ۽ آخري ون ڊي ميچ 21 جون تي کيڏي ويندي ٽئين ون ڊي ميچن گال انٽر نيشنل اسٽيڊيم ، گال ۾ کيڏي ويندي . ان کان پوءِ ٽي- 20 ميچن جي سيريز جي پهرين ميچ 24 جون تي کيڏي ويندي ، ٻئين ٽي – 20 ميچ 26 جون تي کيڏي ويندي جڏهن ته ٽئين ۽ آخري ٽي 20 ميچ 28 جون تي کيڏي ويندي . ٽيئي ٽي -20 ميچون مهندا راجا پاڪسا انٽرنيشنل اسٽيڊيم همبنٽوٽا ۾ کيڏيون وينديون. ٻنهي سيريز ۾ ويسٽ انڊيز جي وومين ٽيم کي هيلي ميٿهيوز ليڊ ڪندي. ميزبان سريلنڪن وومين ٽيم جي اڳواڻي چماري اٿاپتهو ڪندي .