اسلام آباد– 14 – جون (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته ملڪي معيشت جي ترقي ۾ نجي شعبي جو اهم ڪردار آهي، پاڪستان حڪومت معيشت جي بحالي جي لاءِ نجي شعبي کي سموريون سهولتون فراهم ڪندي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم سان اسٽيٽ بئنڪ جي اڳوڻي گورنر رضا باقر عالمي شهرت يافته ڪنسلٽنسي فرم جي وفد سان گڏ ملاقات ڪئي. وفد پاران پاڪستان ۾ عالمي سيڙپڪاري کي وڌيڪ سگهه ڏيڻ جي حوالي سان تجويزون پيش ڪيون ويون. وزيراعظم هدايت ڪئي ته پاڪستان جي دوست ملڪن سان سيڙپڪاري جي معاهدن کي عالمي شهرت يافته فرمز جي مشاورت سان پڄاڻي تي پهچايو وڃي. ان موقعي تي وزيراعظم هدايت ڪئي ته حڪومت جي ماپي ۾ گهٽتائي ۽ حڪومتي نظام کي موثر بڻائڻ جي لاءِ پڻ عالمي شهرت يافته فرمز سان مشاورت ڪئي وڃي، پاڪستان جي سمورن شعبن خاص طور تي معدنيات ۽ توانائي ۾ سيڙپڪاري جي تمام گهڻي صلاحيت موجود آهي. وزيراعظم چيو ته ملڪي معيشت جي ترقي ۾ نجي شعبي جو اهم ڪردار آهي، پاڪستان حڪومت معيشت جي بحالي جي لاءِ نجي شعبي کي سموريون سهولتون فراهم ڪندي. ملاقات ۾ منصوبابندي ۽ ترقي وارو وفاقي وزير احسن اقبال، اقتصادي معاملن وارو وفاقي وزير احد خان چيما، پيٽروليم وارو وفاقي وزير ڊاڪٽر مصدق مسعود ملڪ، ناڻي وارو وفاقي وزير محمد اورنگزيب، توانائي وارو وفاقي وزير اويس احمد خان لغاري، ناڻي وارو مملڪتي وزير علي پرويز ملڪ، آءِ ٽي واري مملڪتي وزير شزه فاطمه خواجه ۽ لاڳاپيل ادارن جا اعليٰ آفيسر موجود هئا.