اسلام آباد– 14 – جون (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري سان وفاقي گهرو وزير محسن نقوي ملاقات ڪئي جنهن ۾ گڏيل دلچسپي جي معاملن ۽ ملڪي صورتحال تي تفصيلي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. گهرو وزارت جي ترجمان موجب وفاقي گهرو وزير محسن نقوي ايوان صدر ۾ صدر آصف علي زرداري سان ملاقات ڪئي. صدر آصف علي زرداري چيو ته پاڪستان کي اڳتي وٺي وڃڻو آهي ۽ ان سلسلي ۾ سڀني کي پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻو پوندو، سياسي پارٽين کي جمهوري ۽ آئيني ذميواري نڀائيندي ملڪ جي ترقي ۽ خوشحالي کي مٿانهون رکڻو آهي، ذاتي اختلافن کي پٺتي ڇڏي رڳو پاڪستان جو سوچڻو آهي. وفاقي گهرو وزير محسن نقوي چيو ته اتحاد ۽ يڪجهتي جي طاقت سان هر چئلينج کي منهن ڏئي سگهجي ٿو.