اسلام آباد– 13 – جون (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار جي صدارت ۾ اسلام آباد، ڪراچي ۽ لاهور جي هوائي اڏن جي آئوٽ سورسنگ بابت اسٽيئرنگ ڪميٽي جو ڏهون اجلاس ٿيو. نائب وزيراعظم جي آفيس پاران جاري بيان موجب اجلاس ۾ دفاع ۽ هوابازي واري وفاقي وزير، قانون ۽ انصاف واري وفاقي وزير، ايوي ايشن جي سيڪريٽري، بورڊ آف انويسٽمينٽ، سول ايوي ايشن اٿارٽي جي عملدارن ۽ انٽرنيشنل فنانس ڪارپوريسن (آءِ ايف سي) جي ٽيم شرڪت ڪئي. آءِ ايف سي ٽيم اسلام آباد انٽرنيشنل ايئرپورٽ جي آئوٽ سورسنگ تي اڳڀرائي رپورٽ پيش ڪئي ۽ ٻڌايو ته مقامي ۽ غيرملڪي سيڙپڪارن تي ٻڌل مختلف ڪنسورشيمز جي وچ ۾ صحتمند مقابلو 15 جولاءِ 2024ع تي تي متوقع آهي. اسٽيئرنگ ڪميٽي لاهور ۽ ڪراچي ايئرپورٽس جي آئوٽ سورسنگ تي اڳڀرائي جو پڻ جائزو ورتو ۽ هيستائين ڪيل ڪم تي اطمينان جو اظهار ڪيو. منصوبي موجب ٻنهي هوائي اڏن جي لاءِ رعايتي ڍانچو هن سال آگسٽ جي وچ تائين تيار ڪيو ويندو. بيان موجب اجلاس ۾ ان اميد جو اظهار ڪيو ويو ته اسلام آباد انٽرنيشنل ايئرپورٽ جي آئوٽ سورسنگ جي نتيجي ۾ صارفين کي بهتر تجربي سان گڏ عالمي معيار جي سروس ملندي.