اسلام آباد-13 جون (اي پي پي) ناڻي واري وفاقي وزير سينيٽر محمد اورنگزيب چيو آهي ته نئين مالي سال جي وفاقي بجيٽ ۾ ٽيڪس جي بنياد کي وسيع ڪرڻ، معيشت جي ڊاڪومينٽيشن ۽ ڊجيٽلائيزيشن تي ڌيان ڏنو ويو آهي، جنرل سيلز ٽيڪس کي 18 سيڪڙو مان وڌائي 19 سيڪڙو ڪرڻ جي ڪا به تجويز غور هيٺ ناهي، پيٽروليم ڊولپمينٽ ليوي جو فوري طور تي نه پر آهستي آهستي لاڳو ڪيو ويندو، جي ڊي پي ۽ ناڻي واڌ جا هدف حقيقي آهن، 12 هزار ارب جي ليڪيجز کي بند ڪرڻ لاءِ قدمن جو سلسلو جاري آهي، بجيٽ ۾ گهٽ آمدني وارن طبقن کي تحفظ فراهم ڪيو ويو آهي، نجڪاري جي عمل تي اتحادي پارٽين سان مشاورت سان معاملا اڳتي وڌائي رهيا آهيون. آءِ ايم ايف سان اسٽاف سطح جو معاهدو جولاءِ تائين ٿيڻ جي اميد آهي، نان فائلرز جي سبب کي ملڪ مان ختم ڪرڻو پوندو. مملڪتي وزير علي پرويز ملڪ، ناڻي واري سيڪريٽري امداد الله بوسال ۽ ايف بي آر چيئرمين امجد زبير ٽوانه سان گڏ پوسٽ بجيٽ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي ناڻي واري وزير چيو ته نئين مالي سال جي وفاقي بجيٽ ۾ ٽيڪس جي بنياد کي وسيع ڪرڻ تي ڌيان ڏنو ويو آهي، پاڪستان ۾ هن وقت جي ڊي پي جي شرح سان ٽيڪسن جي شرح 10 سيڪڙو جي ويجهو آهي جيڪا پائيدار ناهي، ايندڙ ٻن ٽن سالن ۾ جي ڊي پي جي شرح سان ٽيڪسن جي شرح 13 سيڪڙو تائين وٺي وڃڻ جي ڪوشش ڪنداسين. غير دستاويزي معيشت جو خاتمو به حڪومتي ترجيحن ۾ شامل آهي، ان مقصد لاءِ ڊجيٽلائيزيشن جو عمل اڳتي وڌايو پيو وڃي، ان سان ٽيڪس جي نظام ۾ انساني مداخلت کي گهٽ ڪيو ويندو جنهن سان نه رڳو روينيو ۾ اضافو ٿيندو پر شفافيت به ايندي. ناڻي واري وزير چيو ته وڌيڪ آمدني وارن تي وڌيڪ ۽ گهٽ آمدني وارن طبقن تي گهٽ ٽيڪس لڳايو ويو آهي، نان فائلرز لاءِ ڪاروباري ٽرانزيڪشن تي ٽيڪس جي شرح ۾ نمايان اضافو ڪيو ويو آهي ۽ ڪجهه هنڌن تي ان شرح کي 45 سيڪڙو تائين وڌايو ويو آهي. نان فائلرز جي سبب کي هن ملڪ مان ختم ڪرڻو پوندو. بجيٽ ۾ گهٽ آمدني وارن طبقن کي تحفظ فراهم ڪيو ويو آهي. ناڻي واري وزير چيو ته هي اهي پنج بنيادي اصول آهن جن جي بنياد تي بجيٽ ترتيب ڏنو ويو آهي. هن چيو ته پيٽروليم ڊولپمينٽ ليوي جي حد 60 روپين کان وڌائي 80 روپيا ڪرڻ جي تجويز آهي، اها پهرين ڏينهن کان نه لڳائي ويندي ۽ هي اضافو آهستي آهستي ٿيندو. ان حوالي سان حڪومت تيل جي قيمت جي نگراني ڪندي ته جيئن ماڻهن تي گهٽ کان گهٽ بار وجهي سگهجي. ناڻي واري وزير چيو ته پگهارن جي سليب ۾ 50 هزار ماهوار پگهار تي ٽيڪس ڇوٽ برقرار آهي، اهڙي طري ٽاپ سليب تي به ٽيڪس جي شرح ۾ تبديلي ناهي ڪئي وئي، انگ اکر جيتوڻيڪ مجموعي طو رتي وڌايا ويا آهن تنهن هوندي به انفرادي طور تي بار وڌيڪ ناهي. ناڻي واري وزير چيو ته ريٽيلرز کي ٽيڪس جي دائري ڪار ۾ آڻڻ ضروري آهي ته جيئن ٻين طبقن تي ٽيڪسن جو بار گهٽ ٿئي.اپريل ۾ رضاڪاراڻي رجسٽريشن تحت صرف 75 واپاري رجسٽريشن ڪرائي هئي، مئي ۾ ايف بي آر 6 شهرن ۾ قدم شروع ڪيا جنهن جي نتيجي ۾ هن وقت تائين 31 هزار ريٽيلرز جي رجسٽريشن ٿي چڪي آهي، اهو عمل جاري رهندو ۽ پهرين جولاءِ کان ريٽيلرز تي ٽيڪس لاڳو ٿي ويندو. ناڻي واري وزير چيو ته هن وقت 9 ٽريلين روپين جي ڪرنسي گردش هيٺ آهي. ڊجيٽلائيزيشن ذريعي معاملا درست ٿي سگهن ٿا، اسان جي ڪوشش آهي ته ڪيش ٽرانزيڪشن کي گهٽ کان گهٽ ۽ ختم ڪيو وڃي، پوائنٽ آف سيل رجسٽريشن جو سلسو ٻيهر شروع ڪيو ويندو. ناڻي واري وزير چيو ته فري لانسرز جي حوالي سان پاڪستان دنيا جو ٽيون وڏو ملڪ آهي، ايندڙ مالي سال جي بجيٽ ۾ آءِ ٽي کي هٿي ڏيڻ لاءِ ڪرنٽ ۽ ڊولپمينٽ ٻنهي محاذن تي نمايان فنڊ رکيا ويا آهن. ڊجيٽل انفرا اسٽرڪچر کي بهتر بڻايو ويندو. هن وقت اسان جي آءِ ٽي جي ايڪسپورٽ 3.5 ارب ڊالر آهي جنهن کي 7 کان وٺي 8 ارب ڊالرن تائين وڌائي سگهجي ٿو، هن چيو ته ننڍي ۽ وچولي درجي جي ڪاروبار لاءِ جيڪا فنانسنگ ٿيڻ گهرجي اها ناهي ٿي، ننڍي ڪاروبار لاءِ بئنڪن کي پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ جي ضرورت آهي، گذريل ڪجهه هفتن کان اسان جي اسٽيٽ بئنڪ جي گورنر ۽ پاڪستان بئنڪرز ايسوسيئيشن وچ ۾ ان حوالي سان گڏجاڻيون ٿيون آهن، انهن گڏجاڻين ۾ زراعت، آءِ ٽي ۽ ايس ايم ايز لاءِ فنانسنگ تي ڳالهه ٻولهه ٿي آهي، انهن شعبن لاءِ بجيٽ سبسڊيز تحت به رقم رکي وئي آهي. ايس ايم ايز جي فرسٽ لاس جي گارنٽي حڪومت ڏيندي، اهڙي طرح ايڪسپورٽ فنانسنگ جو شعبو هاڻي ايگزم بئنڪ ڏانهن منتقل ٿيڻ وڃي رهيو آهي جنهن سان ايس ايم ايز کي فائدو پهچندو. ناڻي واري وزير چيو ته سرڪاري شعبي جي سالياني ترقياتي پروگرام ۾ جاري منصوبن تي ڌيان ڏنو ويو آهي ۽ 81 سيڪڙو فنڊ انهن منصوبن لاءِ رکيا ويا آهن جيڪي پڄاڻي جي ويجهو آهن، نون منصوبن لاءِ فنڊ رکڻ جي شرح 19 سيڪڙو آهي، ان ۾ ديامير، داسو ۽ ڀاشا ڊيم جهڙا منصوبا شامل آهن. هڪ سوال تي وفاقي وزير چيو ته ڊي اي پي ڀاڻ تي ٽيڪس ۾ ڪا به تبديلي ناهي ڪئي وئي، ٻاهران گهرايل ٽريڪٽرز تي 10 سيڪڙو ٽيڪس مان 7 سيڪڙو ٽيڪس پهرين کان لاڳو هو ۽ حقيقي اضافو صرف 3 سيڪڙو جي ويجهو آهي. هن چيو ته 12 هزار ارب جي ليڪيجز کي بند ڪرڻ لاءِ قدمن جو سلسلو جاري آهي، ٽريڪ اينڊ ٽريس بهترين نظام هو پر ان ۾ ڪجهه مسئلا موجود آهن، اهڙي طرح پي او ايس ۾ به ڪجهه مسئلا هئا، سڀ کان وڌيڪ ليڪيجز سيلز ٽيڪس ۾ آهن، ڊجيٽلائيزيشن جو عمل جيئن ئي اڳتي وڌندو ته روينيو ۾ اضافو ٿيندو. ناڻي واري وزير چيو ته ماڻهن جي طرز زندگي جو ڊيٽا موجود آهي، ان ڪچي ڊيٽا کي اسان فيلڊ فارميشنز ۾ نٿا موڪلي سگهون، ان مقصد لاءِ اسان کي ڊيٽا اينالٽڪ جي مقصدن لاءِ ٽيم ٺاهي آهي جيڪا ان ڊيٽا جو تجزيو ڪندي ۽ ان موجب فيلڊ فارميشنز کي لاڳو ڪرڻ لاءِ هدايتون جاري ڪيون ويون آهن. ناڻي واري وزير چيو ته مجموعي وصولين جي حوالي سان اسان صوبن سان مشاورت ڪري رهيا آهيون ۽ آئنده به ڪنداسين.ارڙهين ترميم تحت جيڪي وزارتون ۽ کاتا صوبن ڏانهن منتقل ٿيا هئا، اهي بند ڪرڻ گهرجن ها جيڪي اسان نه ڪيا. غير ضروري خرچن تي ضابطو آڻڻ لاءِ قدمن جو سلسو جاري آهي، پي ڊبليو ڊي کي بند ڪرڻ جي حوالي سان فيصلو ٿي چڪو آهي، ايندڙ مهينن ۾ ان حوالي سان وڌيڪ قدم کنيا وندا، صوبا جيڪيڏهن مرڪز جو بار ورهائيندا ته ان سان اسان لاءِ مالي گنجائش پيدا ٿيندي. ناڻي واري وزير چيو ته پاليسي ريٽ ۾ گهٽتائي ڪئي وئي آهي ۽ ان جي بنياد تي ايندڙ مالي سال دوران ناڻي واڌ جي شرح 12 سيڪڙو جي ويجهو رکي وئي آهي جيڪا حقيقي آهي. نجڪاري پروگرام جي حوالي سان سوال تي وفاقي وزير چيو ته اسان سمورين ڌرين کي گڏ کڻي هلي رهيا آهيون، پي آءِ اي ۽ اسلام آباد ايئرپورٽ جي آئوٽ سورسنگ جي حوالي سان قدمن جو سلسلو جاري آهي، اسلام آباد ايئرپورٽ جي آئوٽ سورسنگ جو عمل آگسٽ تائين مڪمل ٿي ويندو. وزيراعظم اسلام آباد کانپوءِ لاهور ۽ ڪراچي ايئرپورٽس جي ڊيٽا جو تجزيو ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي. بجلي ۽ توانائي جي شعبي ۾ به قدم جاري آهن، ڊسڪوز جي ڪارپوريٽ گورننس ۾ بهتري آندي پئي وڃي، ڊسڪوز جي بورڊز ۾ نجي شعبي کي آندو پيو وڃي، آءِ ايم ايف بابت سوال جي جواب ۾ وفاقي وزير چيو ته آءِ ايم ايف سان اسان جي ورچوئل ڳالهه ٻولهه جاري آهي، ان حوالي سان مثبت اڳڀرائي ٿي آهي، هن وقت تائين اسان جي جيڪا به ڳالهه ٻولهه ٿي آهي اها مثبت رخ ۾ آهي. ان حوالي سان اسان اتحادي پارٽين کي بريفنگ پڻ ڏني آهي، اسان کي اميد آهي ته اسٽاف سطح جو معاهدو جولاءِ تائين ٿي ويندو. ناڻي واري وزير چيو ته جي ايس ٽي کي 18 کان 19 سيڪڙو تائين ڪرڻ جي تجويز غور هيٺ ناهي، ٽيڪس قانونن ۾ تبديليون ڪيون پيون وڃن. مجموعي قومي پيداوار ۾ اضافي جو هدف مقرر ڪيو ويو آهي، سمورا قدم ان موجب کنيا پيا وڃن. ناڻي واري وزير چيو ته صنعتن لاءِ پاليسي ريٽ ۽ توانائي جي چٽاڀيٽي قيمتن جهڙا مسئلا موجود آهن تنهن هوندي به پاليسي ريٽ ۾ بهتري آئي آهي ۽ ايندڙ ڏينهن ۾ صنعتن لاءِ سٺيون خبرون اينديون. ان موقعي تي اقتصادي معاملن واري مملڪتي وزير علي پرويز ملڪ چيو ته حڪومت کي مهانگائي کان عوام کي پهچندڙ تڪليف جو احساس آهي، ان جو پس منظر به ڏسڻ به ضروري آهي، اسان استحڪام ۽ بهتري طرف وڌي رهيا آهيون، ماضي ۾ نوٽ ڇاپي يا قرض کڻي خسارو پورو ڪيو ويندو هو جنهن سان مهانگائي ۾ اضافو ٿي ويندو هو، ان سلسلي کي آهستي آهستي ختم ڪرڻو آهي. اسان کي مشاورت سان بهتر رستي جي چونڊ ڪرڻي آهي، هي رستو مشڪل ضرور آهي پر اهو به ڏسڻ گهرجي ته جيڪڏهن هي رستو اختيار نه ڪريون ته ملڪ جي ڪهڙي صورتحال هوندي؟ هن چيو ته 50 هزار ماهوار پهگار کڻندڙ ماڻهن لاءِ ٽيڪس ڇوٽ جي سهولت موجود آهي، هڪ لک تائين پگهاردار طبقي تي هڪ هزار کان 1200 روپين تائين جو بار پوندو. هن چيو ته اسان کي سڌارن جو عمل اڳتي وڌائڻو آهي ۽ ٽيڪسن جي بنياد کي وسيع ڪرڻو آهي، هن وقت به ڪيترائي اهڙا شعبا آهن جيڪي ٽيڪس نه ڏئي رهيا آهن، انهن شعبن کي آمدني تي ٽيڪس ڏيڻو پوندو. ريئل اسٽيٽ جي شعبي کي به دستاويزي بڻائڻ لاءِ به قدم کنيا پيا وڃن، بينظير انڪم سپورٽ پروگرام لاءِ رڪارڊ بجيٽ رکي آهي، ان کانسواءِ سبسڊيز ۾ بجلي جي شعبي جو حصو وڌيڪ آهي ۽ ان جو وڌيڪ حصو پروٽيڪٽيڊ صارفين تي خرچ ٿيندو جيڪي 200 يونٽ تائين بجلي استعمال ڪري رهيا آهن، گهٽ کان گهٽ پگهار 37 هزار روپيا ڪئي وئي آهي، جڏهن ته يوٽيلٽي اسٽورز لاءِ به بجيٽ ۾ فنڊن ۾ اضافو ڪيو ويو آهي. علي پرويز ملڪ چيو ته ڪا به مقدس ڳئون ناهي، جيڪو به سسٽم کان ٻاهر نڪري آمدني پيدا ڪري رهيو آهي ۽ ٽيڪس نه ڏئي رهيو آهي ان کي اسان ٽيڪس جي دائري ڪار ۾ آڻينداسين.ان موقعي تي ايف بي آر چيئرمين امجد زبير ٽوانه چيو ڪنهن به نان فائلر جي سم نوٽيس کانسواءِ بلاڪ ناهي ٿي، نان فائلر کي پهرين نوٽيس ڏنو ويندو آهي جنهن کانپوءِ ان کي هڪ رمائنڊر به جاري ٿيندو آهي، ان کانپوءِ سم بند ٿيندي آهي. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته دبئي ليڪس جي حوالي سان ناڻي واري وزير کيس پاڻ بريفنگ ڏيڻ لاءِ چيو آهي، اسان تياري ڪئي آهي. هن چيو ته 3 هزار 800 روپين جي ٽيڪسن مان 1751 ارب روپيا پاليسي مداخلتن سان حاصل ٿيندا جڏهن ته باقي خودمختيار ۽ جي ڊي پي گروٿ مان پيدا ٿيندا، ڪورٽ ڪيسن مان به شارٽ فال پورو ٿيڻ جي اميد آهي، ايف بي آر چيئرمين چيو ته پي او ايس انعامي اسڪيم ٻيهر شروع ڪئي ويندي، هن چيو ته پي او ايس ٽرانزيڪشن تي هڪ روپئي جي فيس جي مد ۾ هن وقت تائين هڪ ارب روپيا حاصل ٿي چڪا آهن، ناڻي واري سيڪريٽري امداد الله بوسال ان موقعي تي چيو ته پگهارن ۾ اضافو بنيادي پگهار تي ٿيندو، جن خودمختيار ادارن ۽ ڪارپوريشنز حڪومتي پي اسڪيل لاڳو ڪيو آهي، اضافو انهن تي لاڳو ٿيندو تنهن هوندي به جن خودمختيار ادارن ڪارپوريشنن جا پنهنجا پي اسڪيل هوندا اهي پنهنجي طريقيڪار موجب ان تي عمل ڪندا. هن چيو ته اي او بي آءِ هڪ خودمختيار ادارو آهي، پينشن ۾ اضافي جو فيصلو پاڻ ڪندو. هن چيو ته نان فائلر لاءِ ڪيپيٽل گين ٽيڪس ۾ اضافو ڪيو ويو آهي.