اسلام آباد– 13 – جون (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته ايف بي آر ملڪي معيشت جو اهم ترين ڦيٿو آهي، حڪومت ايف بي آر کي انساني وسيلن جي ترقي ۽ ڊيجيٽائيزيشن جي لاءِ سمورا وسيلا مهيا ڪندي، ٽيڪس چورن ۽ ٽيڪس نه ڏيندڙن ۽ انهن جي مدد ڪندڙ عنصرن جو خاتمو ڪري ڇڏينداسين، بجيٽ ۾ اشرافيه تي ٽيڪس جڏهن ته غريب ۽ وچولي طبقي تي گهٽ کان گهٽ ٽيڪس هنيو ويو آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري پڌرائي موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف جي صدارت ۾ ٽيڪس سڌارن، معيشت جي ڊيجيٽائيزيشن ۽ اوڳاڙين ۾ اضافي جي لاءِ قدمن تي اعليٰ سطحي اجلاس ٿيو. اجلاس جي شرڪت ڪندڙن سان ڳالهائيندي وزيراعظم چيو ته ايف بي آر ملڪي معيشت جو اهم ترين ڦيٿو آهي. هن چيو ته حڪومت ايف بي آر جي انساني وسيلن جي ترقي ۽ ڊيجيٽائيزيشن جي لاءِ سمورا وسيلا مهيا ڪندي. هن چيو ته ٽيڪس چورن ۽ ٽيڪس نه ڏيندڙن ۽ انهن جي معاونت ڪندڙ عنصرن جو خاتمو ڪري ڇڏينداسين. وزيراعظم چيو ته بجيٽ تياري دوران مون واضح هدايت ڪئي ته اشرافيه کي ٽيڪس ڏيڻو ئي پوندو. هن چيو ته حڪومت تازي بجيٽ ۾ غريب ۽ وچولي طبقي تي گهٽ کان گهٽ ٽيڪس هنيو. هن چيو ته اسان جي اولين ترجيح ٽيڪس جي شرح کي گهٽ جڏهن ته ٽيڪس ڏيندڙن جي انگ ۾ اضافو آهي، ٽيڪس نظام جي مڪمل ڊيجيٽائيزيشن ۽ افرادي قوت جي صلاحيت ۾ ترجيحي بنيادن تي اضافو ڪري رهيا آهيون. هن چيو ته ٽيڪس ڏيڻ جي اهل ماڻهن کي جلد کان جلد ٽيڪس نيٽ ۾ آڻڻ جي لاءِ قدم کڻي رهيا آهيون. اجلاس ۾ عالمي فرم ميڪ ڪينزي ۽ ڪارانداز وزيراعظم کي ايف بي آر جي ڊيجيٽائيزيشن ۽ اوڳاڙين ۾ اضافي جي حوالي سان گذريل چئن هفتن ۾ ڪيل اڳڀرائي کان آگاهه ڪيو. ان کانسواءِ وزيراعظم کي اوڳاڙيون وڌائڻ جي حوالي سان گهٽ مدي ۽ وچولي مدي وارو پلان پيش ڪيو ويو. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته پاڪستان ۾ موجوده پاليسين جي مڪمل لاڳو ڪرڻ سان ئي ملڪي آمدني ۾ ٽيڪسن جي مد ۾ اربين رپين جو اضافو ممڪن آهي. اجلاس کي آگاهه ڪيو ويو ته ملڪي معيشت جي ويليو چين جي ڊيجيٽائيزيشن ۽ آٽوميشن سان اوڳاڙيون وڌنديون ۽ معيشت کي دستاويزي شڪل ڏئي سگهبي. اجلاس ۾ وفاقي وزيرن احسن اقبال، احد خان چيما، محمد اورنگزيب، مملڪتي وزيرن شزه فاطمه خواجه، علي پرويز ملڪ، وزيراعظم جي ڪوآردينيٽر راڻا احسان افضل، ناڻي ۽ اوڳاڙين واري اڳوڻي وزير ڊاڪٽر شمشاد اختر، ڊاڪٽر اڪرام الحق، سلمان احمد، ايف بي آر چيئرمين، لاڳاپيل اعليٰ عملدارن، ميڪ ڪينزي ۽ ڪارانداز جي نمائندن شرڪت ڪئي.