اسلام آباد– 13 – جون (اي پي پي) پاڪستان اوڀر بيت المقدس ۽ اسرائيل سميت والاريل فلسطيني علائقي تي گڏيل قومن جي آزاد عالمي ڪميشن آف انڪوائري جي 12 جون 2024ع جي رپورٽ جي آجيان ڪئي آهي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان ممتاز زهره بلوچ پريس بريفنگ ۾ چيو ته ڪميشن آف انڪوائري جي نتيجن جنگي ڏوهن بشمول ظالماڻي سلوڪ جي طريقيڪار جي طور تي بک سان مارڻ، قتل يا ڄاڻي واڻي قتل، ڄاڻي واڻي شهرين جي خلاف حملن، زبردستي منتقلي، تشدد ۽ غيرانساني يا ظالماڻي سلوڪ بابت اسرائيلي جنگ ڏوهن جي رپورٽن جي تصديق ڪئي آهي. ترجمان چيو ته پاڪستان سمجهي ٿو ته اسرائيل جي سنگين ڏوهن جو احتساب ڪرڻ جو وقت اچي ويو آهي. هن چيو ته اسان عالمي ضمير کان مطالبو ڪريون ٿا ته اها اسرائيل کي فوري ۽ غيرمشروط جنگبندي تي مجبور ڪري، غزه جي ماڻهن جي خلاف جنگ جو خاتمو پڻ ضروري آهي. ترجمان چيو ته ان ڏس ۾ پاڪستان گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي قرارداد 2735 جي منظوري کي مثبت قدم قرار ڏي ٿو ۽ هڪ مستقل ۽ پائيدار جنگبندي ۽ غزه ۾ فلسطينين جي مصيبتن جي خاتمي جي اميد جو اظهار ڪري ٿو.