اسلام آباد– 13 – جون (اي پي پي) پاڪستان ان ڳالهه جو ورجاءُ ڪيو آهي ته هو گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي قراردادن موجب والاريل ڄمون ۽ ڪشمير تڪرار جي منصفاڻي ۽ پرامن حل جي لاءِ ڪشميرين جي سياسي، سفارتي ۽ اخلاقي حمايت جاري رکندو. اها ڳالهه پرڏيهي آفيس جي ترجمان ممتاز زهره بلوچ پريس بريفنگ ۾ چئي. هن چيو ته 11 جون تي سرينگر جي چوٽه بازار ۾ ٿيندڙ قتل عام جي 33 هين ورسيءَ ملهائي وئي. ترجمان چيو ته 11 جون 1991ع تي ڀارت جي سينٽرل ريزرو پولس فورس (سي آر پي ايف) جي اهلڪارن شهرين تي فائرنگ ڪري 32 ماڻهن کي شهيد ۽ 22 کي زخمي ڪري ڇڏيو هو. هن چيو ته شهيدن ۾ هڪ وڏي عمر جي عورت ۽ هڪ ٻار به شامل هئا. ترجمان چيو ته اسان ان ڏکوئيندڙ موقعي تي متاثرين کي ياد ۽ انهن جي لاءِ انصاف جو مطالبو ڪريون ٿا.