اسلام آباد– 13 – جون (اي پي پي) نائب، وزيراعظم پرڏيهي وزير ۽ سينيٽ ۾ قائد ايوان سينيٽر اسحاق ڊار سينيٽر عرفان صديقي کي پرڏيهي معاملن بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي جو بنا مقابلي چيئرمين چونڊجڻ تي مبارڪباد ڏني آهي. سينيٽ سيڪريٽريٽ موجب هن چيو ته سينيٽر عرفان صديقي جي سربراهي ۾ پرڏيهي معاملن واري ڪميٽي پرڏيهي وزارت جي لاءِ بهتر رهنمائي جو ذريعو بڻجندي. سينيٽ جي اڳوڻي چيئرمين ۽ پيپلزپارٽي جي سينيئر اڳواڻ رضا رباني پڻ عرفان صديقي کي مبارڪباد ڏني ۽ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو. سينيٽ جي پرڏيهي معاملن بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي جي اڳوڻي چيئرمين سينيٽر مشاهد حسين سيد پڻ سينيٽر عرفان صديقي کي مبارڪباد ڏني ۽ پنهنجي پيغام ۾ چيو ته پرڏيهي معاملن واري وزارت جي لاءِ عرفان صديقي جي رهنمائي انتهائي لاڀائتي ثابت ٿيندي.