اسلام آباد– 12 – جون (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف قومي اسيمبلي ۾ نئين مالي سال جي وفاقي بجيٽ جي لاءِ منعقد اجلاس ۾ شرڪت جي لاءِ وفاقي گهرو وزير محسن نقوي ۽ نائب وزيراعظم اسحاق ڊار سان گڏ ايوان ۾ داخل ٿيو. وزيراعظم پيپلزپارٽي جي سيد نويد قمر ۽ سيد خورشيد احمد شاهه سان هٿ ملايو ۽ انهن سان مختصر ڳالهه ٻولهه پڻ ڪئي جڏهن ته ميمبرن ڊيسڪون وڄائي وزيراعظم جو استقبال ڪيو.