اسلام آباد– 13 – جون (اي پي پي) وفاقي انشورنس محتسب ممتازعلي شاهه پنهنجي عهدي جو حلف کڻي ورتو، صدر آصف علي زرداري کانئس سادي ۽ پروقار تقريب ۾ حلف ورتو. حلف برداري جي تقريب ايوان صدر ۾ ٿي جنهن ۾ اعليٰ سرڪاري عملدارن ۽ ٻين اهم شخصيتن شرڪت ڪئي. پاڪستان ايڊمنسٽريٽو سروس جو اڳوڻو آفيسر ممتاز علي شاهه سنڌ صوبي ۾ چيف سيڪريٽري جي حيثيت سان خدمتون سرانجام ڏئي چڪو آهي. هو باصلاحيت، اعليٰ سطح جي فيصلاسازي ۽ مختلف عالمي ادارن ۽ فورمز تي پاڪستان جي نمائندگي ڪرڻ جو وسيع تجربو رکي ٿو. پنهنجي ڪيريئر دوران هو مختلف عوام ادارن ۾ اهم ذميواريون ادا ڪري چڪو آهي. ممتاز علي شاهه پاڪستان ۾ مختلف شعبن ۾ گڊ گورننس جي ذريعي انهن کي بهتر بڻائڻ ۾ مدد ڪئي آهي.