اسلام آباد– 12 – جون (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ سينيٽ ۾ قائد ايوان سينيٽر محمد اسحاق ڊار چيو آهي ته حڪومت سرڪاري ملازمن کي ريليف ڏيڻ جي لاءِ انهن جي پگهارن ۾ نمايان اضافو ڪيو آهي. سينيٽ جي اجلاس ۾ ڳالهائيندي هن چيو ته روايت آهي ته مخالف ڌر اڳواڻ مالياتي بجيٽ تي بحث جي شروعات ڪندو آهي. هن چيو ته بجيٽ ۾ عوام کي ريليف ڏنو ويو آهي، بجيٽ ۾ سرڪاري ملازمن جي پگهارن ۾ گريڊ هڪ کان 16 تائين 25 سيڪڙو، گريڊ 17 کان 22 تائين 20 سيڪڙو جڏهن ته رٽائرڊ ملازمن جي پينشن ۾ 15 سيڪڙو اضافو ڪيو ويو آهي. هن چيو ته بجيٽ جي حوالي سان مخالف ڌر جون تجويزون ٻڌنداسين ۽ ان جو جواب ڏينداسين.