اسلام آباد– 12 – جون (اي پي پي) اطلاعات، نشريات، قومي ورثي ۽ ثقافت واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ وفاقي بجيٽ 25 – 2024ع ۾ صحافين ۽ ميڊيا ورڪرز جي لاءِ هيلٿ انشورنس اسڪيم جي بحالي جي اعلان تي صحافتي برادري کي مبارڪباد ڏيندي چيو آهي ته صحافين ۽ ميڊيا ورڪرز کي هيلٿ انشورنس جي فراهمي حڪومت جي اولين ترجيح آهي،صحافي اسان جي معاشري جو اهم حصو آهن، جمهوريت جي مضبوطي ۾ انهن جي ڪردار کان انڪار نه ٿو ڪري سگهجي. پنهنجي بيان ۾ اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته صحايفن کي هيلٿ انشورنس جي فراهمي تاريخي قدم آهي جيڪو اسان جي ملڪ جي صحافين ۽ ميڊيا ورڪرز جي صحت ۽ ڀلائي کي يقيني بڻائڻ ۾ مدد فراهم ڪندو. هن چيو ته اسڪيم تحت پهرين مرحلي ۾ 5 هزار صحافين ۽ ميڊيا ورڪرز کي جڏهن ته ٻئي مرحلي ۾ وڌيڪ 10 هزار صحافين ۽ ميڊيا ورڪرز کي هيلٿ انشورنس فراهم ڪئي ويندي. هن چيو ته وزيراعظم محمد شهباز شريف جا پڻ ٿورائتا آهيون جنهن ٻيو ڀيرو وزارت عظميٰ جي چارج سنڀالڻ کانپوءِ صحافين جي لاءِ هيلٿ انشورنس اسڪيم جي ٻيهر شروعات ڪئي.