اسلام آباد– 12 – جون (اي پي پي) ايندڙ مالي سال 25 – 2024ع جي بجيٽ ۾ ڪراچي ۾ آءِ ٽي پارڪ قائم ڪرڻ جي لاءِ 8 ارب رپيا، ٽيڪنالاجي پارڪ ڊيولپمينٽ پراجيڪٽ اسلام آباد جي لاءِ 11 ارب رپيا، ڊيجيٽل انفراسٽرڪچر انفارميشن جي قدمن جي لاءِ 20 ارب رپيا رکڻ جي تجويز پيش ڪئي وئي آهي، ملڪ جي سماجي ۽ اقتصادي ترقي جي لاءِ ڊيجيٽل ٽيڪنالاجيز جي صلاحيت کي استعمال ۾ آڻڻ جي لاءِ حڪومت هڪ نيشنل ڊيجيٽل ڪميشن ۽ هڪ ڊيجيٽل پاڪستان اٿارٽي قائم ڪرڻ جو ارادو رکي ٿي. ناڻي واري وفاقي وزير سينيٽر محمد اورنگزيب قومي اسيمبلي ۾ ايندڙ مالي سال 25 – 2024ع جي بجيٽ پيش ڪندي چيو ته ڪراچي ۾ آءِ ٽي پارڪ جوڙڻ جي لاءِ 8 ارب رپيا فراهم ڪيا ويندا. ٽيڪنالاجي پارڪ ڊيولپمينٽ پراجيڪٽ اسلام آباد جي لاءِ 11 ارب رپين جي رقم رکي وئي آهي. پاڪستان سافٽ ويئر ايڪسپورٽ بورڊ (پي ايس اي بي) جي لاءِ گذريل سال جي هڪ ارب رپين جي ڀيٽ ۾ هن سال 2 ارب رپيا رکڻ جي تجويز آهي. اها رقم آءِ ٽي سيڪٽر جي ايڪسپورٽرز جي حوصلا افزائي ۽ آءِ ٽي فرمن ۾ شاگردن جي انٽرن شپ جي سلسلي ۾ رکي پئي وڃي. ڊيجيٽل انفراسٽرڪچر انفارميشن جي قدمن جي لاءِ 20 ارب رپيا تجويز ڪيا پيا وڃن. هن چيو ته ملڪ جي سماجي ۽ اقتصادي ترقي جي لاءِ ڊيجيٽل ٽيڪنالاجيز جي صلاحيت کي استعمال ۾ آڻڻ جي لاءِ حڪومت هڪ نيشنل ڊيجيٽل ڪميشن ۽ هڪ ڊيجيٽل پاڪستان اٿارٽي قائم ڪرڻ جو ارادو رکي ٿي. وقت سان گڏ اهي ادارا مختلف شعبن ۾ ڊيجيٽل ٽرانسفارميشن کي اڳتي وڌائڻ، انوويشنز کي فروغ ڏيڻ ۽ ڊيجيٽل سليوشنز کي وسيع پئماني تي اختيار ڪرڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪندا. انهن ادارن جي قيام جي لاءِ هڪ ارب رپيا تجويز ڪيا پيا وڃن.