اسلام آباد– 12 – جون (اي پي پي) وفاقي بجيٽ 25 – 2024ع ۾ صحافين ۽ ميڊيا ورڪرز جي لاءِ هيلٿ انشورنس اسڪيم بحال ڪئي وئي آهي، اسڪيم تحت 5 هزار صحافين ۽ ميڊيا ورڪرز جي پهرين مرحلي ۾ هيلٿ انشورنس هوندي. ان ڳالهه جو اعلان ناڻي ۽ اوڳاڙين واري وفاقي وزير سينيٽر محمد اورنگزيب قومي اسيمبلي ۾ وفاقي بجيٽ 25 – 2024ع پيش ڪندي ڪيو. هن ٻڌايو ته اسڪيم تحت پهرين مرحلي ۾ سڄي ملڪ مان 5 هزار صحافين ۽ ميڊيا ورڪرز جي هيلٿ انشورنس ٿيندي جڏهن ته ٻئي مرحلي ۾ وڌيڪ 10 هزار صحافين ۽ ميڊيا ورڪرز کي اهو بنيادي حق فراهم ڪيو ويندو. هن چيو ته وزيراعظم محمد شهباز شريف جڏهن ٻيو ڀيرو وزارت عظميٰ جو عهدو سنڀاليو ته ان کانپوءِ صحافين ۽ ميڊيا ورڪرز جي لاءِ هن هيلٿ انشورنس جي بحالي جو حڪم ڏنو، آئون اڄ پنهنجي صحافي ڀائرن کي اسڪيم بحالي جي خوشخبري ٻڌايان ٿو.