اسلا م آباد-22 اپريل (اي پي پي ) پاڪستان ۽ نيوزيلينڊ جي ڪرڪٽ ٽيمن وچ ۾ پنج ٽي ٽونٽي انٽر نيشنل ميچن تي ٻڌل سيريز جي چوٿين ميچ 25 اپريل ي نيشنل ڪرڪٽ اسٽيڊيم ، ڪراچي ۾ کيڏي ويندي ٻنهي ٽيمن جي وچ ۾ پنجن ميچن جي سيريز جون ٽي ٽي ٽونٽي ميچون کيڏيون وينون جنهن ۾ ٻنهي ٽيمن وچ ۾ ميچ 1-1 تان برابر آهي. پنجن ميچم جي سيريز جي پهرين ميچ ٽي ٽونٽي ميچ برسات سبب ملتوي ٿي وئي هئي . ٻي ميچ ۾ پاڪستان مهمان نيوزيلينڊ جي ٽيم کي 7 وڪيٽن تان هارايو هيو جڏهن ته ٽي ٽونٽي ميچ ۾ نيوزيلينڊ جي ٽيم پاڪستان جي ٽيم کي 7 وڪيٽن تان هارايو 1-1 تان برابر ڪري ڇڏي هئي . پاڪستان ٽيم مشهور بيٽسمين بابر اعظم جي قيادت هيٺ ميدان ۾ ايندي اسڪواڊ ۾ شامل ٻين رانديگرن ۾ ابرار احمد، اعظم خان، فخر زمان ، افتخار احمد، عماد وسيم ، محمد عباس آفريدي ، محمد رضوان ، محمد عامر ، محمد عرفان خان ، نسيم شاهه، صائم ايوب ، شاداب خان ، شاهين شاهه آفريدي ، اسامه مير ، عثمان خان ۽ زمان خان شامل آهن .