ڪرائسٽ چرچ _ 7 مارچ (اي پي پي ) نيوزيلينڊ ۽ آسٽريليا جي ڪرڪيٽ ٽيمن وچ ۾ ٻن ٽيسٽ ميچن تي ٻڌل سيريز جي ٻئي ۽ آخري ٽيسٽ ميچ (اڄ ) جمعي کان 12 مارچ تائين هيگلي اوول ، ڪرائسٽ چرچ ۾ کيڏي ويندي . آسٽريلوي ٽيم کي ڪيويز خلاف ٻن ميچن جي سيريز ۾ 0-1 جي سرسي حاصل آهي، ڪينگروز پهرين ٽيسٽ ۾ نيوزيلينڊ کي 172 رنسن تان شڪست ڏني هئي . ان کان اڳ ٻنهن ٽيمن وچ ۾ کيڏيل ٽن ميچن جي ٽي 20 سيريز ۾ مهمان آسٽريلوي ٽيم نيوزيلنڊ کي وائٽ واش ڪري ڇڏيو هو .