راولپنڊي-07 مارچ (اي پي پي) پاڪستان سپر ليگ (پي ايس ايل) جي نائين ايڊيشن ۾ اڄ جمعي ڏينهن واحد ميچ ڪوئيٽا گليڊي ايٽرز ۽ پشاور زلمي وچ ۾ راولپنڊي ڪرڪيٽ اسٽيڊيم ۾ کيڏي ويندي. ميچ شام 7 وڳي شروع ٿيندي. پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ جي اهتمام هيٺ پي ايس ايل جي دلچسپ مقابلن جو سلسلو جاري آهي. راولپنڊي ڪرڪيٽ اسٽيڊيم ۾ جمعي ڏينهن ليگ جي 25 هين ميچ ڪوئيٽا گليڊي ايٽرز ۽ پشاور زلمي جون ٽيمون آمهون سامهون ٿينديون. ڪوئيٽا گليڊي ايٽرز بيٽسمين رائلي روسو جي قيادت ۾ ميدان ۾ لهندي، پشاور زلمي کي مشهور بيٽسمين بابر اعظم ليڊ ڪندو.