ڪولمبو -13 سيپٽمبر (اي پي پي) ايشين ڪرڪيٽ ڪائونسل جي انتظام هيٺ ايشيا ڪپ ڪرڪيٽ ٽورنامينٽ جي 16هين ايڊيشن ۾ ڪانٽيدار مقابلن جو سلسلو جاري آهي، جنهن جي ميزباني پاڪستان ۽ سريلنڪا ڪري رهيا آهن. ٽورنامينٽ جي سپر رائونڊ جي پنجين ميچ سيمي فائينل جي حيثيت اختيار ڪري وئي آهي، جيڪا ايشيا ڪپ جي ٻنهي ميزبان ملڪن پاڪستان ۽ دفاعي چيمپيئن سريلنڪا جي ٽيمن وچ ۾ اڄ خميس تي آر پريما داسا اسٽيڊيم ڪولمبو ۾ کيڏي ويندي. پاڪستان دفاعي چيمپيئن سريلنڪا مان جيڪا به ٽيم ميچ کٽندي اها 17 سيپٽمبر تي ڀارت خلاف فائينل ۾ ٽائيٽل لاءِ زور آزمائي ڪندي.