سنچورين -13 سيپٽمبر (اي پي پي) ڏکڻ آفريقا ۽ آسٽريلياجي ڪرڪيٽ ٽيمن وچ ۾ پنجن عالمي ون ڊي ميچن تي ٻڌل سيريز جي چوٿين ميچ (سڀاڻي) 15 سيپٽمبر تي اسپورٽس پارڪ سنچورين ۾ کيڏي ويندي، ٻنهي ٽيمن وچ ۾ اها ميچ ڊي اينڊ نائيٽ هوندي. آسٽريليا کي ميزبان ٽيم ڏکڻ آفريقا خلاف 5 ميچن جي سيريز ۾ 2-1 جي برتري حاصل آهي. جڏهن ته پنجين ۽ آخري ميچ 17 سيپٽمبر تي جوهانسبرگ ۾ کيڏي ويندي. واضح رهي ته ان کان اڳ آسٽريليا جي ٽيم 3 ٽي ٽوئنٽي ميچن تي ٻڌل سيريز ۾ ميزبان پروٽيز کي وائيٽ واش ڪري ڇڏيو هو.