اسلام آباد- 02 سيپٽمبر (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوار الحق ڪاڪڙ ايشيا ڪپ ڪرڪيٽ ٽورنامينٽ ۾ پاڪ ڀارت ميچ جي موقعي تي قومي ٽيم لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو ۽ حوصلا افزائي ڪندي چيو آهي ته ”گو گرين گو“ اسان سڀني جا سر فخر سان بلند ڪري ڇڏيو. پاڪستاني ڪرڪيٽ ٽيم جي حوصلا افزائي لاءِ ڪيل پنهنجي ٽوئيٽ ۾ وزيراعظم انوار الحق ڪاڪڙ پاڪستان ۽ ڀارت وچ ۾ مقابلي جو هيش ٽيگ #PakVsInd پڻ شيئر ڪيو.