اسلام آباد- 02 سيپٽمبر (اي پي پي) سڌ سماءَ واري نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي چيو آهي ته ميڊيا جي ڪجهه حصن ۾ نگران وزيراعظم جي صحافين سان بجلي جي بلن جي حوالي سان ٿيل ڳالهه ٻولهه کي حقيقتن کان هٽي پيش ڪيو ويو آهي، وزيراعظم ائين هر گز ناهي چيو ته بجلي جي بلن جو مسئلو نان اشو آهي ۽ بجلي جي بلن جي مسئلي سان ماڻهو پريشان نه آهن، پر وزيراعظم اهو ٻڌايو ته هي مسئلو ڪيئن پيدا ٿيو ۽ ڪهڙي طرح هو ان مسئلي جي حل طرف وڃي رهيو آهي. پنهنجي بيان ۾ نگران وفاقي وزير چيو ته نگران وزيراعظم 31 آگسٽ تي اسلام آباد ۾ صحافين سان ڳالهه ٻولهه ڪئي ۽ انهن جي سوالن جا جواب ڏنا، بجلي جي بلن جي حوالي سان وزيراعظم جي ڳالهه ٻولهه کي ميڊيا جي ڪجهه حصن ۾ حقيقتن کان هٽي ڪري رپورٽ ڪيو ويو آهي، هن چيو ته وزيراعظم کان سوال ڪيو ويو ته ڇا بجلي جي بلن جو معاملو اهڙو آهي جنهن سان ملڪ ۾ ڀونچال اچي ويو هجي يا انارڪي پکڙجي وئي آهي؟ جنهن تي وزيراعظم چيو ته ائين نه آهي ته ملڪ اندر انارڪي جي صورتحال هجي، وزيراعظم اهو هرگز نه چيو ته بجلي جي بلن جو مسئلو نان اشو آهي، هن اهو نه چيو ته بجلي جي بلن جي مسئلي سان ماڻهو پريشان نه آهن، پر وزيراعظم اهو ٻڌايو ته هي مسئلو ڪيئن پيدا ٿيو، ڪهڙي طرح هو ان مسئلي جي حل طرف وڃي رهيو آهي، وزيراعظم اهو پڻ ٻڌايو ته جن ماڻهن تي ذميواري لاڳو ٿئي ٿي اهي به اليڪشن جي ماحول جي ڪري ان کي استعمال ڪري رهيا آهن پر هي هرگز نه چيو ته ماڻهن جي تڪليف ناجائز آهي. هن چيو ته ڪجهه ذميوار صحافين به تصديق ڪئي آهي ته وزيراعظم ايئن نه چيو ته هي مسئلو سنجيده ناهي پر وزيراعظم اهو چيو هو ته عالمي ادارن سان اسان جي ڪميٽمنٽس آهي، اسان عالمي ادارن سان ڪيل واعدن کي متاثر ڪرڻ کانسواءِ ماڻهن جي مشڪلاتن جو ڪو حل ڪڍنداسين، پر ميڊيا ۾ رپورٽ ٿيو ته وزيراعظم چيو ته بجلي جي بلن جو معاملو سنجيده مسئلو ناهي ۽ وزيراعظم کي پراجيڪٽ ڪيو ويو ته کين ماڻهن جي مشڪلاتن جو احساس نه آهي، مرتضيٰ سولنگي ان موقعي تي فيض احمد فيض جي شعر جو حوالو ڏنو ته اها ڳالهه جيڪا سڄي فساني ۾ جنهن جو ذڪر نه هو……….. اها ڳالهه انهن کي تمام گهڻي ناگوار گذري آهي، هن ميڊيا کي اپيل ڪئي ته جيڪو ڪجهه چيو وڃي ٿو ان کي درست انداز ۾ رپورٽ ڪيو وڃي.