ڪراچي – 01 – سيپٽمبر (اي پي پي) تعليم ۽ پيشيواراڻي تربيت واري نگران وفاقي وزير مدد علي سنڌي سنڌ جي نگران وڏي وزير جسٽس (ر) مقبول باقر سان ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ تعليمي نظام کي بهتر ڪرڻ تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ان موقعي تي ڳالهائيندي تعليم ۽ پيشيواراڻي تربيت واري نگران وفاقي وزير مدد علي سنڌي چيو ته صوبن سان گڏجي قومي نصاب تي ڪم ڪيو ويندو. هن چيو ته حڪومت جي ترجيح سائنس جي مضمون تي ڌيان ڏيڻ آهي. هن چيو ته رياضي ۽ سائنس جا مضمون وفاقي حڪومت جي ترجيحن ۾ شامل آهن. جڏهن ته ان موقعي تي ٻوڏ سبب سنڌ ۾ متاثر ٿيل اسڪولن جي بحالي جي لاءِ پڻ وفاق ۽ صوبي جي وچ ۾ تعاون تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي.