اسلام آباد – 01 – سيپٽمبر (اي پي پي) نگران پرڏيهي وزير جليل عباس جيلاني سان ڪويت جي سفير ناصر عبدالرحمان المطيري ملاقات ڪئي. پرڏيهي آفيس پاران جاري بيان موجب ملاقات ۾ پاڪستان ۽ ڪويت جي وچ ۾ ٻطرفن لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي لاءِ ٻطرفي تعاون جي اهم رخن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي.