اسلام آباد – 01 – سيپٽمبر (اي پي پي) نگران پرڏيهي وزير جليل عباس جيلاني سان ترڪيه جي سفير ڊاڪٽر مهمت پيڪاسي ملاقات ڪئي ۽ گڏيل دلچسپي جي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. پرڏيهي آفيس پاران جاري بيان موجب ملاقات دوران هن پاڪستان ۽ ترڪيه جي لاڳاپن جو جائزو ورتو ۽ گڏيل دلچسپي جي سمورن شعبن ۾ تعاون کي وڌيڪ مستحڪم بڻائڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪيو. هن سمورن اهم علائقائي ۽ عالمي مسئلن تي نظرين جي هڪجهڙائي تي اطمينان جو اظهار ڪيو.