اسلام آباد – 01 – سيپٽمبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي چيو آهي ته هڪ ذميوار نگران حڪومت هجڻ جي ناطي اسان جو فرض آهي ته اسان عدليه ۽ قانون جو احترام ڪريون، پرويز الاهي جي گرفتاري جو معاملو قانون لاڳو ڪندڙ ادارن ۽ عدليه جي وچ ۾ آهي، قانون لاڳو ڪندڙ ادارا ملڪي قانونن تحت ڪم ڪن ٿا، جيڪڏهن ڪٿي قانون جي خلاف ورزي ٿي آهي ته ملڪ ۾ عدليه به آزاد آهي ۽ ميڊيا به. اها ڳالهه هن نجي ٽي وي چينل جي پروگرام ۾ ڳالهائيندي چئي. اطلاعات واري نگران وفاقي وزير چيو ته ملڪ ۾ هر هڪ کي اظهار راءِ ۽ تنقيد جو حق آهي، اسان ڪنهن کان انهن جو اهو حق کسي نه ٿا سگهون پر اسان جو به حق آهي ته جنهن شيءَ کي صحيح سمجهون اها بنا ڪنهن خوف ۽ خطري جي سامهون رکون. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته بجلي جي بلن ۾ ريليف جي حوالي سان ڪوششون جاري آهن، ان بابت تفصيل فيصلن جي شڪل ۾ سامهون ايندا. هن چيو ته آئين، قانون ۽ اسان جو محدود مدو اسان کي فيصلا ڪرڻ جي اجازت ڏي ٿو، آئين ۽ قانون جي روشني ۾ ملڪ جي بهتر مفاد ۾ فيصلا ڪنداسين ۽ انهن تي ڄمي بيهنداسين. هڪ سوال تي هن چيو ته بي بي سي سان منهنجي ڳالهه ٻولهه کي ٽوڙي مروڙي پيش ڪيو ويو، منهنجي انهن سان ڳالهه ٻولهه هلي رهي آهي، آئون اهو مناسب سمجهان ٿو ته اهي ان جي وضاحت پاڻ ڪن. چونڊن جي حوالي سان هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان تڪبندين جو عمل تيز ڪري ڇڏيو آهي، اليڪشن ڪميشن چونڊن جي جيڪا تاريخ ڏيندي ان تي چونڊون منعقد ڪرڻ لاءِ هر ممڪن تعاون ڪنداسين.