اسلام آباد – 01 – سيپٽمبر (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ چيو آهي ته حڪومت پنهنجي سمورن شهرين جي حقن جي تحفظ جي لاءِ پرعزم آهي، حڪومت ملڪ ۾ ايندڙ عام چونڊون منعقد ٿيڻ تائين آئيني تسلسل فراهم ڪندي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب نگران وزيراعظم سان پاڪستان ۾ يورپي يونين جي سفير رينا ڪيونڪا ڪالهه جمعي ڏينهن ملاقات ڪئي. وزيراعظم پاڪستان ۽ يورپي يونين جي لاڳاپن جي مثبت اڳڀرائي تي اطمينان جو اظهار ڪيو ۽ ان سلسلي ۾ ٿيندڙ تازي اڳڀرائي کي ساراهيو. هن يورپي منڊين ۾ پاڪستان جي جي روانگي واپار کي وڌائڻ ۾ جي ايس پي پلس اسڪيم جي اهم ڪردار تي زور ڏنو. هن جي ايس پي پلس اسڪيم کي جاري رکڻ جي ضرورت تي پڻ زور ڏنو جيڪو پاڪستان ۽ يورپي يونين ٻنهي ملڪن جي مفاد ۾ آهي. نگران وزيراعظم چيو ته سندس حڪومت پنهنجي سمورن شهرين جي حقن جي تحفظ جي لاءِ پرعزم آهي. هن چيو ته حڪومت ملڪ ۾ ايندڙ عام چونڊون منعقد ٿيڻ تائين آئيني تسلسل فراهم ڪندي. يورپي يونين جي سفير چيو ته يورپي يونين پاڪستان حڪومت جي حمايت جاري رکندي ۽ گڏيل دلچسپي جي شعبن ۾ تعاون وڌائڻ جي لاءِ ڪم ڪندي.