اسلام آباد – 01 – سيپٽمبر (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ ڪسٽمز عملدارن ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن کي ملڪ مان کنڊ، پيٽروليم مصنوعات، يوريا، زرعي جنسن ۽ ٻين شين جي اسمگلنگ جي سختي سان خاتمي جي هدايت ڪئي آهي. هن اها هدايت ڪئي ته بلوچستان ۾ اسمگلنگ ۾ ملوث سرڪاري آفيسرن جي انٽر ايجنسي رپورٽ جوڙي وڃي، انهن جي خلاف سخت ڪارروائي ڪندي انهن کي قرار واقعي سزا ڏني وڃي. هن اها به هدايت ڪئي ته ايران سان بارڊر مارڪيٽس کي وڌيڪ فعال ڪيو وڃي ته جيئن واپار باقاعده دستاويزي عمل سان ممڪن ٿي سگهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ جي صدارت ۾ ملڪ ۾ اسمگلنگ جي روڪٿام جي حوالي سان اعليٰ سطحي اجلاس ٿيو. اجلاس ۾ وزيراعظم کي سڄي ملڪ خاص طور تي سرحدي علائقن ۾ مختلف شين جي اسمگلنگ جي صورتحال ۽ روڪٿام جي لاءِ کنيل قدمن تي بريفنگ ڏني وئي. وزيراعظم ڪسٽمز عملدارن ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن کي ملڪ ۾ کنڊ، پيٽروليم مصنوعات، يوريا، زرعي جنسن ۽ ٻين شين جي اسمگلنگ جي خاتمي جي سختي سان هدايت ڪئي. اجلاس کي بلوچستان ۾ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جي اسمگلنگ جي خلاف حڪمت عملي کان آگاهه ڪيو ويو. اجلاس ۾ ٻڌايو ويو ته قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جي اڻٿڪ محنت جي ڪري ملڪ ۾ اسمگلنگ ۾ 40 سيڪڙو گهٽتائي آئي، بلوچستان ۾ اسمگلنگ جي روڪٿام جي لاءِ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جي 10 اضافي جوائنٽ چيڪ پوسٽس نوٽيفائي ڪيون ويون آهن. اجلاس ۾ نگران وزيراعظم کي اسمگلنگ ۾ ملوث سرڪاري آفيسرن بابت بريفنگ پڻ ڏني وئي. نگران وزيراعظم هدايت ڪئي ته بلوچستان ۾ اسمگلنگ ۾ ملوث سرڪاري آفيسرن جي انٽر ايجنسي رپورٽ جوڙي وڃي، انهن جي خلاف سخت ڪارروائي ڪندي انهن کي قرار واقعي سزا ڏني وڃي. وزيراعظم چيو ته اسمگلنگ جي روڪٿام جي ڪارڪردگي جانچڻ جي لاءِ هفتيوار جائزه اجلاس جي پاڻ صدارت ڪندو. انوارالحق ڪاڪڙ چيو ته ملڪي معيشت جي مجموعي ڪاٿي کي اسمگلنگ جي ڪري اربين رپين جو نقصان ٿئي ٿو جنهن جي ڪري اسمگلنگ جي ان ناسور کي ملڪ مان ختم ڪرڻ لازمي ٿي چڪو آهي. هن چيو ته پيٽروليم مصنوعات جي اسمگلنگ سان اوڳاڙين ۾ گهٽتائي ۽ مليڪ پرڏيهي ناڻي تي شديد دٻاءُ پوي ٿو. نگران وزيراعظم اجلاس ۾ هدايت ڪئي ته ايران سان بارڊر مارڪيٽ مڪينزم کي مستحڪم ڪيو وڃي ته جيئن ٻطرفو واپار باقاعده دستاويزي عمل سان ممڪن ٿي سگهي. اجلاس ۾ واپار واري نگران وفاقي وزير گوهر اعجاز، نگران وفاقي گهرو وزير سرفراز احمد بگٽي، پيٽروليم واري نگران وزير محمد علي، وزيراعظم جي صلاحڪار احد چيما، وفاقي سيڪريٽريز، ايف بي آر چيئرمين ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جي اعليٰ آفيسرن شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ خيبرپختونخواهه ۽ بلوچستان جي صوبائي چيف سيڪريٽريز ۽ آءِ جي پوليس وڊيو لنڪ ذريعي شرڪت ڪئي.