اسلام آباد – 01 – سيپٽمبر (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ سان برطانيا جي هاءِ ڪمشنر جين ميريٽ ملاقات ڪئي آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ موجب ان موقعي تي نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ ان ڳالهه تي زور ڏنو ته پاڪستان ۽ برطانيا جي وچ ۾ پراڻا لاڳاپا آهن. هن چيو ته اسان جي حڪومت پاڪ برطانيا ٻطرفن لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي لاءِ قدم جاري رکندي. نگران وزيراعظم هز ميجسٽي ڪنگ چارلس III سان گڏوگڏ برطانيا جي قيادت جي لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو. وزيراعظم واپار ۽ سيڙپڪاري، موسمياتي تبديلي ۽ تعليم ۾ ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ تعاون وڌائڻ جي ضرورت تي پڻ زور ڏنو. هاءِ ڪمشنر برطانوي قيادت پاران نگران وزيراعظم کي مبارڪباد ڏني ۽ چيو ته برطانيا جمهوري تبديلي جي ان مرحلي ۾ پاڪستان جي هر ممڪن مدد جاري رکندو.