اسلام آباد- 02 سيپٽمبر (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوار الحق ڪاڪڙ سان سڌ سماءَ واري نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي ملاقات ڪئي آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ مان جاري بيان موجب ملاقات ۾ مرتضيٰ سولنگي وزيراعظم کي پنهنجي وزارت جي معاملن بابت آگاهه ڪيو. ان موقعي تي ملاقات ۾ ايندڙ مهيني منعقد ٿيندڙ گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي اجلاس ۾ پاڪستان جي مثبت بياني جي موثر نمائندگي لاءِ امڪاني حڪمت عملين تي مشاورت ڪئي وئي. ملاقات ۾ سڌ سماءَ واري سيڪريٽري ۽ پرنسپل انفارميشن آفيسر پڻ شريڪ هئا.