اسلام آباد – 01 – سيپٽمبر (اي پي پي) پرڏيهي آفيس جي ترجمان ممتاز زهره بلوچ چيو آهي ته پاڪستان جي ميزباني ۾ گڏيل قومن جي امن مشن جي وزارتي اجلاس جي تياري جي سلسلي ۾ ٻن ڏينهن وارو اجلاس اسلام آباد ۾ ٿيو، جاپان جي گڏيل ميزباني ۾ اهو اجلاس ”گڏيل قومن جي امن دستن جي حفاظت ۽ سلامتي“ جي موضوع تحت منعقد ٿيو. ترجمان پريس بريفنگ ۾ چيو ته اجلاس ۾ گڏيل قومن جي سيڪريٽريٽ جي سينيئر عملدارن ۽ گڏيل قومن جي ميمبر ملڪن جي نمائندن سان گڏوگڏ ان موضوع تي مقامي ۽ عالمي ماهرن پڻ شرڪت ڪئي. ٻن ڏينهن واري اجلاس دوران مختلف ذيلي موضوعن تي پينل ڊسڪشنز منعقد ڪيون ويون جن ۾ صلاحيت سازي جي ضرورتن، عالمي قانون جي نقطه نظر سان گڏيل قومن جي امن فوجين جي حفاظت، گڏيل قومن جي امن مشن جي طبي صلاحيت کي وڌائڻ کانسواءِ ٽيڪنالاجي ۽ اسٽريٽجڪ مواصلات مان فائدو کڻڻ تي غور ڪرڻ شامل هو. اجلاس ۾ ديسي ساخته ڌماڪيدار اوزار (آئي اي ڊيز) کان خطرن تي ڳالهه ٻولهه ۽ بريفنگ پڻ ڏني وئي. ترجمان چيو ته پاڪستان پاليسي ۽ آپريشنل ٻنهي سطحن تي گڏيل قومن جي امن فوج ۾ هڪ اهم ڪردار ادا ڪري رهيو آهي. پاڪستان جو شمار گڏيل قومن جي امن فوج کي سڀ کان وڌيڪ فوجي ڏيندڙ ملڪن ۾ ٿئي ٿو، پاڪستان پاران گڏيل قومن جي امن مشن جي وزارتي اجلاس جي تياري جي سلسلي ۾ اجلاس جي ميزباني گڏيل قومن جي امن مشن جي لاءِ ان جي مسلسل وابستگي جي نشاندهي ڪري ٿي جنهن جو مقصد مختلف تڪراري علائقن ۾ سلامتي ۽ استحڪام کي برقرار رکڻ آهي، 2023ع جو وزارتي اجلاس ڊسمبر ۾ گهانا ۾ منعقد ڪيو ويندو. ترجمان چيو ته نگران پرڏيهي وزير جليل عباس جيلاني پڻ اجلاس کي خطاب ڪيو ۽ چيو ته گڏيل قومن جي امن دستن جي لاءِ محفوظ ماحول کي يقيني بڻائڻ اولين ترجيح هجڻ گهرجي. ترجمان چيو ته پنهنجي پڄاڻي واري خطاب ۾ پرڏيهي سيڪريٽري ڊاڪٽر محمد سائرس سجاد قاضي امن قائم ڪرڻ جي مستقبل جي لاءِ پاڪستان جي ويزن کي اجاگر ڪيو. هن چيو ته پاڪستان امن فوج جي تعاون کي وڌيڪ مضبوط بڻائيندو ته جيئن ان کي وڌيڪ مستحڪم ۽ مضبوط بڻائي سگهجي. پيادل فوج جي يونٽن جو واعدو ڪرڻ کانسواءِ پاڪستان ايوي ايشن، سگنلز ٽيڪنالاجي، مائن ايڪشن، ميڊيڪل سپورٽ، پيس ڪيپنگ انٽيليجنس ۽ جديد صلاحيتن جي تعمير جي شعبن ۾ پنهنجي واعدن کي مضبوط ڪندو. پاڪستان مفت طبي ڪئمپس منعقد ڪرڻ، صدمي ۽ نفسياتي مدد فراهم ڪرڻ، ضروري انفراسٽرڪچر جي بحالي سميت پيشيواراڻي ۽ هنرمندي جي تربيت کي وڌائي ڪميونٽي جي شموليت کي پڻ فروغ ڏيندو. ترجمان چيو ته اسان جون عورتون امن دستي جي انهن سمورين ڪوششن ۾ اهم ڪردار ادا ڪنديون رهنديون.