اسلام آباد – 01 – سيپٽمبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي ڀٽائي سرڪار جي 280 هين عرس مبارڪ تي لطيف سائين جي فقيرن کي سلام پيش ڪندي چيو آهي ته شاهه عبدالطيف ڀٽائي پنهنجي شاعري ۾ دنيا کي انسانيت جو درس ڏنو، غريب ۽ لاچار، بيوس ۽ مظلوم عوام جي حمايت ۾ آواز بلند ڪيو، پنهنجي بيتن سان عوامي امنگن جي ترجماني ۽ حق جي جستجو جي لاءِ رهنمائي ڪئي. شاهه عبدالطيف ڀٽائي جي 280 هين عرس مبارڪ جي موقعي تي پنهنجي ٽوئيٽ ۾ اطلاعات واري نگران وفاقي وزير چيو ته سرتاج الشعراءِ برگزيده هستيءَ، صاحب جلال ۽ جمال، عوامي شاعر شاهه عبدالطيف ڀٽائي سائين جو 280 هون عرس مبارڪ سندس قائم ڪيل ڍنڍ ڪراڙ جي ڪناري ڀٽ شاهه ۾ شروع ٿي ويو آهي. شاهه عبدالطيف ڀٽائي ڇا خوب چيو آهي ته. ”سارِي راتِ سُبحانُ، جاڳِي جَنِ يادِ ڪيو، اُن جِي عَبدالطيفُ چئي، مِٽِيءَ لَڌو مَانُ، ڪوڙين ڪَنِ سَلامُ، اڳَههِ اَچِيو اُنِ جي،“ (سُر سريراڳ). هن چيو ته شاهه عبدالطيف ڀٽائي جي شاعري جي ڪتاب جو نالو ”شاهه جو رسالو“ يعني ”پيغام لطيف“ آهي جنهن جو خلاصو اهو آهي ته ”عالم سڀ آباد ڪرين“. ڀٽ ڌڻي جو اهو شعر هيئن آهي! سانئِيَمِ! سَدائِين ڪَرِين، مَٿي سِنڌُ سُڪارَ، دوسَت! مِٺا دِلدارَ، عالَمُ سَڀِ آبادِ ڪَرِين. سُر سارنگ) (منهنجي سنڌڙي تي به سائين رحمت هجي هر بار ….. منهنجا دلبر دوست، سڄي عالم کي به آباد ڪجان). اطلاعات واري نگران وفاقي وزير چيو ته سنڌ ڌرتي تي جنم وٺندڙ شاهه سائين جو پيغام سڄي دنيا جي لاءِ آهي، جيڪو آفاقي آهي، محبت ۽ انسانيت جي فروغ ۽ جدوجهد جي درس سان مالامال آهي. اها به حقيقت آهي ته ڀٽائي جي بيتن (ٻه ٻه هم قافيه مصرا) جا ڪيترائي فڪري ۽ روحاني رخ آهن پر ”انهن سڀني جو مفهُوم ” انسانيت جو احترام“ آهي. هن چيو ته سموري رسالي ۾ شاهه لطيف پنهنجي شاعري ۾ دنيا کي انسانيت جو درس ڏنو آهي، غريب ۽ لاچار، بيوس ۽ مظلوم عوام جي حمايت ۾ آواز بلند ڪيو آهي. اهڙي طرح ڀٽائي سرڪار پنهنجي بيتن سان عوامي امنگن جي ترجماني ڪئي آهي ۽ حق جي جستجو جي لاءِ رهنمائي پڻ ڪئي آهي. مرتضيٰ سولنگي چيو ته شاهه سائين جي 280 هين عرس مبارڪ تي لطيف سائين جي فقيرن کي منهنجو سلام پهچي.