اسلام آباد-01 سيپٽمبر (اي پي پي)چيف آف آرمي اسٽاف جنرل عاصم منير چيو آهي ته پاڪستان هڪ اهڙو خطو چاهي ٿو جتي امن هجي ۽ واپار، ٽرانزٽ ۽ سيڙپڪاري ڏکڻ، اولهه ۽ وچ ايشيائي رياستن لاءِ خوشحالي جو سبب بڻجي. اهڙن خيالن جو اظهار هن گڏيل قومن جي امن مشن جي وزارتي اجلاس جي حوالي سان تيارين جو جائزو وٺڻ لاءِ منعقد ڪانفرنس جي پڄاڻي واري سيشن ۾ خاص مهمان طور خطاب ڪندي ڪيو. ان موقعي تي پرڏيهي وزير جليل عباس جيلاني پڻ خطاب ڪيو. جاري ڪيل بيان موجب گڏيل قومن جي امن مشن جي وزارتي اجلاس جي حوالي سان تيارين جو جائزو وٺڻ لاءِ اجلاس اسلام آباد ۾ 30 ۽ 31 آگسٽ تي منعقد ٿيو، امن مشن جي تحفظ ۽ سيڪيورٽي جي موضوع تي منعقد اجلاس جي گڏيل ميزباني پاڪستان ۽ جاپان ڪئي. اجلاس ۾ مختلف ملڪن جي نمائندن، گڏيل قومن جي اعليٰ عملدارن ۽ اسلام آباد ۾ سفارتي برادري جي ميمبرن شرڪت ڪئي. ان موقعي تي چيف آف آرمي اسٽاف عالمي امن جي بحالي ۾ گڏيل قومن جي ڪردار کي ساراهيندي امن جٿن کي درپيش وڌندڙ چئلنيجن ۽ خطرن کي اجاگر ڪيو. هن گڏيل قومن تي زور ڀريو ته هو امن مشن کي ان قابل بڻائي ته هو امن مشن تي مقرر جوانن جي تحفظ ۽ سيڪيورٽي کي يقيني بڻائيندي پيچيده خطرن کي منهن ڏيڻ لاءِ وڌيڪ موثر ٿي سگهي. چيف آف آرمي اسٽاف وڌيڪ روشني وڌي ته پاڪستان هڪ اهڙو خطو چاهي ٿو جتي امن هجي، واپار، ٽرانزٽ ۽ سيڙپڪاري ڏکڻ، اولهه ۽ وچ ايشيا جي سمورين رياستن لاءِ خوشحالي جو سبب بڻجي. هن سلامتي ڪائونسل ۽ گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل کان ڄمون ڪشمير مسئلي کي سلامتي ڪائونسل جي قراردادن ۽ ڪشميري عوام جي امنگن موجب پرامن حل جو پڻ مطالبو ڪيو. ان کان اڳ انڊر سيڪريٽري جنرل ڊپارٽمينٽ آف پيس آپريشنز ڪانفرنس جي ميزباني ۽ عالمي امن لاءِ قابل قدر ڪردار ادا ڪرڻ تي پاڪستان جو شڪريو ادا ڪيو. شرڪت ڪندڙن کي خطاب ڪندي پرڏيهي وزير جليل عباس جيلاني گڏيل قومن جي امن ڪوششن لاءِ پاڪستان جي 6 ڏهاڪن تي ٻڌل پراڻي وابستگي جو ذڪر ڪيو جيڪو عالمي امن ۽ سلامتي لاءِ پاڪستان جي ڪردار جو واضح ثبوت آهي، پرڏيهي وزير امن قائم ڪرڻ جي عظيم مقصد ۾ پنهنجي جانين جو نذرانو پيش ڪندڙ 171 پاڪستانين سميت سمورن بهادر جوانن ۽ عورتن کي خراج عقيدت پيش ڪيو، هن گڏيل قومن جي امن جٿن لاءِ محفوظ ماحول کي يقيني بڻائڻ جي ضرورت تي زور ڀريو جيڪي پوري دنيا ۾ امن لاءِ پنهنجون خدمتون سرانجام ڏيندا آهن.