اسلام آباد – 31 – آگسٽ (اي پي پي) نگران پرڏيهي وزير جليل عباس جيلاني سان آسٽريليا جي هاءِ ڪمشنر نيل هاڪنز ملاقات ڪئي. پرڏيهي آفيس موجب آسٽريلين هاءِ ڪمشنر نگران پرڏيهي وزير کي پاڪستان ۽ آسٽريليا جي وچ ۾ ڪيترن ئي شعبن ۾ لاڳاپن تي بريفنگ ڏني. نگران پرڏيهي وزير ٻطرفن لاڳاپن کي فروغ ڏيڻ جي لاءِ موجوده مڪينزم تحت باقاعده ڳالهين ۽ اعليٰ سطحي دورن جي اهميت تي زور ڏنو.