اسلام آباد – 31 – آگسٽ (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ چيو آهي ته بجلي جي بلن جي معاملي تي عوام جي لاءِ ريليف قدمن جو جلد اعلان ڪنداسين، بجلي بحران جو وڏو سبب مهانگي اگهن تي بجلي جي خريداري، پيداوار، پهچ ۽ بلن جي وصولي ۾ نقص آهن، اهو چوڻ صحيح نه آهي ته ظالم حڪمران اچي ويا آهن ۽ غريب عوام جو رت چوسيندا، ڪنهن کي اها غلط فهمي آهي ته ختم ڪري ڇڏي، ڪير غلط فهمي ۾ نه رهي ملڪ جي هر انچ جو دفاع ڪنداسين، قانون موجب چونڊون ڪرائڻ اليڪشن ڪميشن جي ذميواري آهي، صاف ۽ شفاف چونڊن جي ذريعي اقتدار جي پرامن منتقلي جي لاءِ پرعزم آهيون. اهڙن خيالن جو اظهار هن سينيئر صحافين ۽ اينڪر پرسنز سان ڳالهائيندي ڪيو. هن چيو ته نگران حڪومت آئين جي ضرورت مجب قائم ڪئي وئي آهي، مختلف شعبن ۾ قابل ماڻهن کي ڪابينا ۾ شامل ڪيو ويو آهي، ملڪ کي معاشي ۽ سيڪيورٽي جا وڏا چئلينجز درپيش آهن، مرض جي صحيح تشخيص ڪري ان جو علاج ڪيو وڃي ٿو، بجلي جي بلن جي حوالي سان احتجاج ڪيو ويو. هن چيو ته الله تعاليٰ اها ذميواري ۽ آزمائش منهنجي ذمي وڌي آهي، ڪجهه ڏينهن ۾ سمورن معاملن جو ادراڪ ٿي ويو آهي، اهو چوڻ صحيح نه آهي ته ظالم حڪمران اچي ويا آهن ۽ غريب عوام جو رت چوسيندا، ڪنهن کي اها غلط فهمي آهي ته ختم ڪري ڇڏي. نگران وزيراعظم چيو ته اسمگلنگ، افغان ٽرانزٽ ٽريڊ جهڙن مسئلن سميت مختلف پيداواري شعبن ۾ سيڙپڪاري گهٽ ٿي رهي آهي، غيرپيداواري شعبن ۾ منافعي تي گهٽ ڀاڙيو پيو وڃي، اسان به انهن مسئلن کي ٽاري سگهون ٿا پر اهو معاملو ٻيهر سامهون ايندو، اسان کي ان سوال جو جواب ڳولڻو پوندو، ان جي ڪري سماجي ۽ معاشي مسئلا پيدا ٿي رهيا آهن، سوشل ميڊيا تي اهڙا تبصرا ڪيا وڃن ٿا جيڪي ملڪ جي لاءِ نقصانڪار آهن. هن چيو ته بلوچستان ۽ خيبرپختونخواهه ۾ دهشتگردي جا واقعا ٿي رهيا آهن، افغانستان مان ذميواراڻو انخلا نه ٿيو پر تيزي سان انخلا ڪيو ويو جنهن جا پاڪستان سميت ٻين پاڙيسري ملڪن تي اثر پيا آهن، افغانستان جي صورتحال سان غيررياستي عنصرن فائدو کنيو، اسان پنهنجي ملڪ جي چپي چپي جو دفاع ڪرڻ جي صلاحيت رکون ٿا، ڪنهن ڪالعدم تنظيم ۾ اها صلاحيت نه آهي ته اها پاڪستان جي ڪنهن انچ تي قبضو ڪري سگهي، اسان جا سيڪيورٽي ادارا ڀرپور دفاع جي لاءِ تيار آهن. هن چيو ته پاڪستان محفوظ هٿن ۾ آهي، شفاف ۽ منصفاڻي انداز ۾ چونڊون منعقد ڪرڻ جي لاءِ ڪوششون ڪري رهيا آهيون، اسان پنهنجي ذميواري وري ڪري هليا وينداسين. هن چيو ته 48 ڪلاڪن ۾ ان بابت پاليسي اعلان ڪنداسين، هڪ کان 16 گريڊ تائين واپڊا اهلڪارن جي مفت يونٽ جو معاملو نه ڇيڙيو ويندو، گريڊ 17 کان 22 تائين جي لاءِ مفت بجلي فراهمي جي معاملي تي ٻين آپشنز تي عمل ڪنداسين.