اسلام آباد – 31 – آگسٽ (اي پي پي) نگران پرڏيهي وزير جليل عباس جيلاني سان پاڪستان ۾ يو اين ڊي پي جي نمائندي سيموئل رزڪ ملاقات ڪئي. پرڏيهي آفيس موجب نگران پرڏيهي وزير يو اين ڊي پي کي پاڪستان جي قومي ترقياتي ايجنڊا ۾ هڪ اهم حصيدار قرار ڏيندي گڏيل قدمن جي ذريعي ماڻهن جي زندگي ۽ روزگار کي بهتر بڻائڻ جي لاءِ يو اين ڊي پي سان حصيداري کي مضبوط بڻائڻ جي پاڪستان جي خواهش جو اظهار ڪيو.