اسلام آباد – 31 – آگسٽ (اي پي پي) نگران پرڏيهي وزير جليل عباس جيلاني سان جمهوريه چيڪ جي سفير ٿامس سمٽنڪا ملاقات ڪئي. پرڏيهي آفيس موجب هن ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ ٻطرفن لاڳاپن تي اطمينان جو اظهار ڪيو. هنن پاڪستان ۽ جمهوريه چيڪ جي وچ ۾ واپار،سيڙپڪاري، تعليمي تعاون ۽ ليبر موبيلٽي سميت لاڳاپن کي وڌيڪ مستحڪم بڻائڻ تي اتفاق ڪيو. ملاقات دوران علائقائي ۽ عالمي معاملن تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي.