ويلنگٽن-24 آگسٽ (اي پي پي) نيوزي لينڊ ڪرڪيٽ (اين زيڊ سي) موجب نيوزي لينڊ جي مردن جي قومي ٽيم 10 سالن کانپوءِ بنگلاديش جو دورو ڪندي، ڪيوي ٽيم پنهنجي بنگلاديش جي دوري دوران ميزبان بنگلاديش خلاف 3 ون ڊي ۽ 2 ٽيسٽ ميچن تي ٻڌل سيريز ٻن حصن ۾ کيڏيندي. نيوزي لينڊ ٽيم پنهنجي بنگلاديش جي دوري جي شروعات 21 سيپٽمبر کان پهرين ون ڊي ميچ سان ڪندي. 3 ون ڊي ميچز تي ٻڌل سيريز سان ٻنهي ٽيمن کي ورلڊ ڪپ 2023ع جي تيارين ۾ مدد ملندي. دوري جو ٻيو مرحلو جنهن ۾ 2 ٽيسٽ ميچز شامل آهن. ورلڊ ڪپ کانپوءِ نومبر ڊسمبر ۾ ٿيندو. هي ٽيسٽ سيريز آءِ سي سي ورلڊ ٽيسٽ چيمپئن شپ جو حصو هوندي. ون ڊي سيريز جون سموريون ميچون شير بنگلا نيشنل ڪرڪيٽ اسٽيڊيم ميرپور ۾ کيڏيون وينديون جڏهن ته ورلڊ ڪپ کانپوءِ شروع ٿيندڙ 2 ٽيسٽ ميچن جي سيريز جي شروعات نومبر جي آخري ۾ ٿيندي. ٽيسٽ سيريز کيڏڻ جي هنڌ جو اعلان اڃان ناهي ٿيو. ڪيوي ٽيم جي بنگلاديش جي دوري جي شيڊول موجب پهرين ون ڊي 21 سيپٽمبر، ٻي 23 ۽ ٽيئن ۽ آخري 26 سيپٽمبر تي کيڏي ويندي. ٻنهي ٽيمن جي وچ ۾ پهرين ٽيسٽ ميچ 28 نومبر کان شروع ٿيندي جڏهن ته ٻي ۽ آخري ٽيسٽ ميچ 6 ڊسمبر تي شروع ٿيندي.