اسلام آباد – 24 آگسٽ (اي پي پي)سڄي دنيا ۾ باڪسنگ جو عالمي ڏينهن 27 آگسٽ تي ملهايو ويندو. پاڪستان باڪسنگ فيڊريشن جي سيڪريٽري جنرل ڪرنل (ر) ناصر اعجاز تنگ ٻڌايو ته سڄي دنيا جيان پاڪستان ۾ به باڪسنگ جو عالمي ڏينهن 27 آگسٽ تي ملهايو ويندو جنهن لاءِ تياريون شروع ڪيون ويون آهن. ان ڏهاڙي تي سڄي ملڪ ۾ باڪسنگ جا نمائشي مقابلا منعقد ڪرايا ويندا ۽ فيڊريشن سان لاڳاپيل ادارن، صوبائي ۽ ريجنل ايسوسيئيشنز کي هدايتون جاري ڪيون ويون آهن. ان ڏينهن تي لاهور، ڪراچي، پشاور، ڪوئٽه، مظفرآباد ۽ گلگت بلتدتان سميت ملڪ جي ٻين شهرن ۾ مقابلا ڪيا ويندا. مقابلن جي پڄاني تي ڪامياب رانديگرن ۾ انعام ورهايا ويندا.