اسلام آباد – 22 – آگسٽ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي چيو آهي ته بٽگرام ۾ چيئر لفٽ ريسڪيو آپريشن ڀرپور طريقي سان جاري آهي. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ اطلاعات واري نگران وفاقي وزير چيو ته بٽگرام ۾ امدادي ڪارروايون وزيراعظم جي حڪم تي شروع ٿي ويون آهن ۽ اهو عمل جاري آهي. اطلاعات واري وزارت ۽ لاڳاپيل ادارا عوام کي باخبر رکندا.