اسلام آباد – 22 – آگسٽ (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ هڪ ڏينهن جي دوري تي ڪراچي روانو ٿي ويو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ هڪ ڏينهن جي دوري دوران قائد جي مزار تي حاضري ڀريندو. وزيراعظم ڪراچي ۾ سياسي قيادت سان ملاقات ڪندو ۽ بعد ۾ ملڪ جي ڪاروباري برادري سان به ملاقات ڪندو.