ڊبلن -21 آگسٽ (اي پي پي) آئرلينڊ ۽ ڀارت جي ڪرڪيٽ ٽيمن وچ ۾ ٽن ٽي – ٽوئنٽي ميچن تي ٻڌل سيريز جي ٽين ۽ آخري ميچ (اڄ) اربع 23 آگسٽ تي ڊبلن ۾ کيڏي ويندي. ڀارت کي ميزبان آئرلينڊ خلاف 3 ميچن جي سيريز ۾ 2-0 جي برتري حاصل آهي. ڀارت پهرين ميچ ۾ آئرلينڊ کي ڊڪ ورٿ لوئيس ميٿڊ تحت 2 رنسن تان شڪست ڏني هئي، جڏهن ته ٻي ٽي – ٽوئنٽي ميچ ۾ 33 رنسن تان شڪست ڏئي سيريز ۾ 2-0 جي برتري حاصل ڪري ورتي آهي.