اسلام آباد – 22 – آگسٽ (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ بٽگرام ۾ پاشتو واري هنڌ چيئر لفٽ ۾ ڦاٿل 8 ماڻهن کي ڪڍڻ جي لاءِ فوري ريسڪيو آپريشن جي هدايت ڪئي آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ اين ڊي ايم اي، پي ڊي ايم اي ۽ سمورن لاڳاپيل ريسڪيو ادارن کي سمورا وسيلا استعمال ۾ آڻي بٽگرام ۾ پاشتو واري هنڌ چيئر لفٽ ۾ ڦاٿل شاگردن ۽ استادن کي ريسڪيو ڪرڻ، جابلو علائقن ۾ موجود اهڙين سڀني چيئر لفٽس تي حفاظتي انتظام يقيني بڻائڻ ۽ خراب حالت ۽ حفاظتي معيار تي پورو نه لهندڙ چيئر لفٽس کي فوري طور تي بند ڪرڻ جي هدايت به ڪئي آهي.