اسلام آباد – 08 – آگسٽ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي نوجوانن تي زور ڏنو آهي ته اهي ٽيڪنالاجي جي ترقي مان فائدو کڻن ۽ ملڪ جي ٽيڪنالاجي جي روانگي واپار کي وڌائڻ جي لاءِ عالمي سطح تي پنهنجون خدمتون پيش ڪن، اسان جي ملڪ ۾ نوجوانن جو هڪ وڏو انگ موجود آهي ۽ انهن کي فڪري طور تي باقي دنيا سان ڳنڍڻ گهرجي، جيڪڏهن ائين نه ڪيو ويو ته اسان پنهنجي ملڪ جي لاءِ دستياب هڪ عظيم موقعي کان محروم ٿي وينداسين. صدر ڊاڪٽر عارف علوي اهڙن خيالن جو اظهار انسٽيٽيوٽ آف ڪاسٽ اينڊ مئنيجمينٽ اڪائونٽنٽس (آئي سي ايم اي) ڊيجيٽل اڪيڊمي جي ورچوئل افتتاح جي موقعي تي پنهنجي وڊيو پيغام ۾ ڪيو. جاري هڪ پڌرائي موجب آئي سي ايم اي لنڊن ۾ قائم ”دي فن ٽيڪ گروپ“ (ٽي ايف جي) جي حصيداري سان ڊيجيٽل اڪيڊمي جي شروعات ڪئي. آئي سي ايم اي ڊيجيٽل اڪيڊمي کي برطانيا ۾ هڪ مشن سان گڏ شامل ڪيو ويو آهي ته جيئن پاڪستان ۾ مستقبل ۾ افرادي قوت کي عالمي سطح تي ڊيجيٽل مهارتن سان تيار ڪري سگهجي. صدر ڊاڪٽر عارف علوي پنهنجي پيغام ۾ آئي سي ايم اي ڊيجيٽل اڪيدمي جي منصوبن جي اهميت کي اجاگر ڪيو جنهن سان ملڪ ۾ نوجوانن کي عالمي سطح تي پنهنجون خدمتون پيش ڪرڻ ۾ مدد ملندي. هن چيو ته نوجوان ماڻهو نئين ٽيڪنالاجيز سکڻ ۽ عالمي صارفين سان پيشيواراڻي انداز ۾ ڳالهه بولهه ڪرڻ جا خواهشمند آهن. صدر ڊاڪٽر عارف علوي مستقبل جي نئين نوڪرين جي حوالي سان ٿيندڙ اسٽريٽجڪ تبديلي ۽ مستقبل ۾ انهن سان ڪيترين ئي خدمتن کي سرانجام ڏيڻ جي طريقي کي بيان ڪيو ۽ چيو ته پاڪستان جي باصلاحيت نوجوانن کي بنا ڪنهن جاگرافيائي حدن جي پنهنجون خدمتون پيش ڪرڻ جو زبردست موقعو فراهم ڪري ٿو. هن ملڪ کي سڄي دنيا ۾ رونما ٿيندڙ تبديلي جي رفتار ۽ پاڪستان کي ان سان هم آهنگ بڻائڻ جي ضرورت تي زور ڏنو. ان ڏس ۾ هن آئي سي ايم اي ڊيجيٽل اڪيڊمي کي وقت سر شروع ڪرڻ تي مبارڪباد ڏني. صدر چيو ته آئي سي ايم اي ڪافي عرصي کان ملڪ جي ضرورتن کي پورو ڪرڻ جي لاءِ مئنيجمينٽ اڪائونٽنگ ۾ پيشيواراڻي ماڻهن کي تيار ڪرڻ جي لاءِ سرگرم آهي. پر سڀاڻي جي دنيا ۾ اڪائونٽنٽس جي لاءِ اهو ممڪن هوندو ته اهي پاڪستان کان ٻاهر پنهنجي پهچ کي وڌائي سگهن ۽ عالمي سطح تي صارفين جي ضرورتن کي پورو ڪرڻ شروع ڪري ڇڏين، اهڙي طرح ملڪ جي ڊيجيٽل روانگي واپار ۾ اضافو ۽ معاشي خوشحالي ۾ اضافو ٿيندو. صدر انهن ماڻهن جي لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو جيڪي آئي سي ايم اي ڊيجيٽل اڪيڊمي مان ڪورسز ڪندا ته جيئن اهي مستقبل جي نوڪرين جي لاءِ تيار ٿي سگهن ۽ جاگرافيائي حدن کانسواءِ عالمي سطح تي پنهنجون خدمتون پيش ڪرڻ جي قابل ٿي سگهن. ان جي نتيجي ۾ هڪ اهڙو ماحول پيدا ٿيندو جتي اسان جي ماڻهن کي روزگار ملندو ۽ اسان جو ملڪ صنعتي ۽ زرعي روانگي واپار تي ڀاڙڻ کي گهٽ ڪرڻ جي لاءِ ڊيجيٽل روانگي واپار ۾ اضافو ڪندو. هن لائيو ويبنار ۾ پينلسٽس ۾ ملڪ جا اهم ادارا پاشا، پاڪستان آءِ ٽي انڊسٽري ايسوسيئيشن، پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج، نيشنل انسٽيٽيوٽ آف بئنڪنگ اينڊ فنانس، پاڪستان فري لانسرز ايسوسيئيشن، پاڪستان سافٽ ويئر ايڪسپورٽ بورڊ ۽ بگ 4 اڪائونٽنگ فرمز شامل هئا. انهن ادارن ۾ اعليٰ تعليم جي شعبي ۽ آئي سي ايم اي ۽ ٽي ايف جي جي ٽيمن مان به نمائندگي موجود هئي. ايڊ ٽيڪ، اينڊ ٽو اينڊ ڊيجيٽل انرولمنٽ پليٽ فارمز ۽ مائيڪرو انٽرن شپس تي ڌيان ڏيندڙ عالمي فرمن پڻ افتتاحي تقريب ۾ شرڪت ڪئي. ان موقعي تي آئي سي ايم اي جي صدر شهزاد ملڪ آئي سي ايم اي ڊيجيٽل اڪيڊمي جي ويزن کي اجاگر ڪندي ڪارپوريٽ ۽ پبلڪ سيڪٽر ٻنهي ادارن ۾ ڊيجيٽل صلاحيتن کي وڌائڻ جي لاءِ آئي سي ايم اي ڊيجيٽل اڪيڊمي جي منصوبن تي روشني وڌي. هن ٻڌايو ته خواهشمند ماڻهو آڪٽوبر 2023ع جي شروعات کان ڊيجيٽل اسڪلز ڊيولپمينٽ پروگرامن ۾ داخلا وٺي سگهندا.