اسلام آباد – 08 – آگسٽ (اي پي پي) پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري پاڪستان جي عوام ۽ حڪومت پاران 56 هين آسيان ڊي جي موقعي تي آسيان تنظيم جي ميمبر ملڪن کي مبارڪباد ڏني آهي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان پاران جاري بيان موجب آسيان ڊي تي پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري پنهنجي پيغام ۾ چيو ته آسيان تنظيم 8 آگسٽ 1967ع تي ڏکڻ اوڀر ايشيا ۾ علائقائي تعاون جي لاءِ هڪ منفرد پليٽ فارم طور وجود ۾ آئي. هن چيو ته تعاون، دوستي ۽ عدم مداخلت جي بنيادي اصولن تي ٻڌل آسيان تنظيم گذريل 56 سالن ۾ خطي ۾ امن ۽ ترقي جي لاءِ هڪ اهم تنظيم طور مضبوط ٿي آهي. هن چيو ته سفارتي مشغوليت جو ”آسيان جو رستو“ علائقائي امن ۽ تعاون جو خاڪو فراهم ڪري ٿو. پرڏيهي وزير چيو ته آسيان اڄ علائقائي آرڪيٽيڪچر جو هڪ مرڪزي ٿنڀ آهي. هن چيو ته پاڪستان ايشيا پيسفڪ جي ملڪن سان دوستي ۽ تعاون جي آسيان جي ويزن جي حصيداري ڪري ٿو، اسان سمجهون ٿا ته هڪ ٺوس ايشيا سڀني جي لاءِ هڪ خوشحال مستقبل جو واعدو ڪري ٿو، پاڪستان پوري ايشيا خاص طور تي آسيان ملڪن سان حصيداري کي فروغ ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. بلاول ڀٽو زرداري چيو ته آسيان ملڪن سان پاڪستان جا لاڳاپا ٻطرفن ۽ گهڻ رخي ٻنهي لحاظ کان مسلسل وڌي رهيا آهن جنهن ۾ واپار، سياحت، زراعت، انفارميشن ٽيڪنالاجي ۽ سامونڊي تعاون جي شعبن ۾ تعاون وڌائڻ جا وسيع امڪان آهن. هن چيو ته پاڪستان هڪ مضبوط ۽ ڪامياب ڏکڻ اوڀر ايشيا جو خواهشمند آهي. پرڏيهي وزير چيو ته اسان جيترو وڌيڪ ٺوس ۽ متحد ٿينداسين، اسان پنهنجي گڏيل چئلينجز تي ضابطو آڻڻ ۽ هڪ خطي طور گڏجي ترقي ڪرڻ ۾ ايترا ئي وڌيڪ قابل ٿينداسين.