اسلام آباد – 08 – آگسٽ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي سمنڊ پار پاڪستانين خاص طور تي عورتن جي شڪايتن جي ازالي لاءِ ٺوس قدمن جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو آهي ته قانون جو تحفظ هر شهري بشمول سمنڊ پار پاڪستانين جو حق آهي، آئين تحت ڪنهن به شخص کي ملڪيت جي حق کان محروم نه ٿو ڪري سگهجي. ايوان صدر جي پريس ونگ موجب صدر هڪ عورت شهري جي ملڪيت بحال ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي جنهن کي هڪ هائوسنگ سوسائٽي پاران 20 سالن کان پنهنجي ٻن پلاٽن جي ملڪيت کان محروم رکيو ويو هو، ان حقيقت جي باوجود ته هن سيل ڊيڊ رجسٽرڊ ۽ سمورا ترقياتي چارجز ادا ڪري ڇڏيا هئا. صدر عورتن جي ملڪيتي حقن جي تحفظ ايڪٽ تحت يونيورسٽي ٽائون جي اپيل رد ڪندي يونيورسٽي ٽائون انتظاميا کي فوري طور تي پلاٽ جو قبضو عورت کي ڏيڻ جي هدايت ڪئي آهي. تفصيل موجب يونيورسٽي ٽائون هراسمينٽ جي خاتمي بابت وفاقي محتسب جي فيصلي جي خلاف صدر کي اپيل داخل ڪئي هئي. عاصمه ڪوڪب (شڪايت ڪندڙ) شڪايت ڪئي ته سوسائٽي 1997ع ۾ 10 ۽ 5 مرله جا ٻه پلاٽ رجسٽرڊ سيل ڊيڊ جي ذريعي وڪرو ڪيا. زمين جي قيمت، ترقياتي چارجز سميت رهتن جي ادائيگي جي باوجود قبضو نه ڏنو ويو. هراسمينٽ جي خاتمي بابت محتسب لاڳاپيل روينيو آفيسر کي عورت جي ملڪيت جو قبضو بحال ڪرائڻ جو حڪم ڏنو. يونيورسٽي ٽائون انتظاميا پاران محتسب جي فيصلي جي خلاف اپيل تي صدر ايوان صدر ۾ ڪيس جي ذاتي ٻڌڻي ڪئي. ٻڌڻي ۾ شڪايت ڪندڙ جو پٽ ۽ يونيورسٽي ٽائون جو سي اي او پنهنجي وڪيل سان گڏ پيش ٿيا. سوسائٽي موقف اختيار ڪيو ته شڪايت ڪندڙ ڪيترن ئي نوٽيسز جي باوجود ترقياتي چارجز ادا نه ڪيا جنهن تي الاٽمينٽ ليٽر ڪينسل ڪيو ويو. سوسائٽي موجب عورت پلاٽن جي بحالي لاءِ رجسٽرڊ سيل ڊيڊز واپس نه ڪيون، بجلي ۽ پاڻي فراهمي جا چارجز ادا نه ڪيا. سوسائٽي موقف ۾ چيو ته محتسب جا حڪم قانون ۽ حقيقتن تي ٻڌل نه آهن ان لاءِ رد ڪرڻ گهرجن. ٻڌڻي دوران شڪايت ڪندڙ جي پٽ ثبوت طور ترقياتي چارجز ادائيگي جون رسيدون پيش ڪيون. صدر شڪايت ڪندڙ پاران ادائيگين جو رڪارڊ رکڻ ۾ ناڪامي تي سوسائٽي کان پڇاڻو ڪيو. صدر چيو ته شڪايت ڪندڙ ڊيولپمينٽ چارجز ادائيگي جون رسيدون پيش ڪيون جيڪي ثبوت طور موجود آهن، هن سوسائٽي پاران معاملي کي اٽڪل 20 سالن تائين لٽڪائڻ تي پڻ ڪاوڙ جو اظهار ڪندي چيو ته افسوس ته هڪ اوورسيز پاڪستاني کي والده جي پلاٽن جي قبضي جي لاءِ دربدر ڪيو ويو. صدر چيو ته رڪارڊ تي دستياب ثبوتن مان ثابت ٿيو ته شڪايت ڪندڙ ٻنهي پلاٽن جي مالڪ آهي، ثابت ٿيو ته ٽائون جي سي اي او رجسٽرڊ سيل ڊيڊز جاري ڪيا. صدر چيو ته ٽائون جي سي اي او عبدالعزيز انهن حقيقتن کان انڪار به نه ڪيو. صدر رسيدن جي بنياد تي پلاٽن جون رهتون جمع نه ڪرائڻ جو سوسائٽي جو موقف رد ڪري ڇڏيو ۽ چيو ته سوسائٽي مسلسل مطالبو ڪيو ته قبضي جي لاءِ رجسٽرڊ سيل ڊيڊز واپس ڪيون وڃن. صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته ڊيڊز واپس ڪرڻ جي ڪا منطق نه آهي، عورت جو خدشو صحيح آهي ته قبضو وٺڻ کانسواءِ ڪاغذ ڇو واپس ڪري، سوسائٽي پاران رجسٽرڊ سيل ڊيڊز واپس ڪرڻ جو مطالبو جائز نه آهي. ٻڌڻي دوران سي اي او عورت کي پلاٽن جي قبضي کان بنا جواز انڪار جو اعتراف ڪري ورتو. صدر چيو ته اها ڳالهه انتهائي افسوسناڪ آهي ته ٻاهرئين ملڪ رهندڙ پاڪستاني کي ملڪيت جي تحفظ جي بنيادي حق کان محروم ڪيو ويو، آئين تحت ڪنهن به شخص کي ملڪيت جي حق کان محروم نه ٿو ڪري سگهجي، سمنڊ پار پاڪستانين خاص طور تي عورتن جي شڪايتن جي ازالي لاءِ ٺوس قدمن جي ضرورت آهي، قانون جو تحفظ هر شهري بشمول سمنڊ پار پاڪستانين جو حق آهي. صدر يونيورسٽي ٽائون کي فوري طور تي پلاٽ جو قبضو عورت کي ڏيڻ جي هدايت ڪندي چيو ته رسيدن مان ظاهر ٿئي ٿو ته عورت سمورا ترقياتي چارجز ادا ڪيا ۽ عورت ڏانهن ڪي به چارجز واجب الادا نه آهن.