سکر – 08 – آگسٽ (اي پي پي) پاڪستان پيپلزپارٽي جو چيئرمين ۽ پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري سکر پهچي ويو جتي هو نئين اسپتالن جو افتتاح ڪندو. سنڌ جو وڏو وزير سيد مراد علي شاهه، وفاقي وزير سيد خورشيد احمد شاهه، صوبائي وزير سيد ناصر حسين شاهه، امتياز شيخ ۽ ٻيون اهم حڪومتي شخصيتون پڻ ساڻس گڏ آهن. بلاول ڀٽو زرداري سکر ۾ سنڌ انسٽيٽيوٽ آف يورولوجي اينڊ ٽرانسپلانٽيشن (ايس آئي يو ٽي) جي 27 ايڪڙ زمين تي پکڙيل، 70 ڊائيلاسز مشينن سان گڏ 170 بسترن تي ٻڌل ميڊيڪل ڪمپليڪس ۽ ڏکڻ ڪوريا جي تعاون سان تعمير ٿيندڙ 200 بسترن تي ٻڌل چائلڊ هيلٿ انسٽيٽيوٽ جو افتتاح ڪندو. ان موقعي تي پاڪستان حڪومت ۽ سنڌ حڪومت جي وچ ۾ جناح پوسٽ گريجوئيٽ ميڊيڪل ڪاليج (جي پي ايم سي) ۽ سنڌ انسٽيٽيوٽ آف ڪارڊيو ويسڪولر ڊيزز (ايس آئي سي وي ڊي) جي سيٽلمنٽ ايگريمنٽ تي صحيحون پڻ ڪيون وينديون، افتتاحي تقريب کي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري، وفاقي وزير سيد خورشيد شاهه، سنڌ جو وڏو وزير سيد مراد علي شاهه، صحت واري وزير عذرا پيچوهو ۽ ٻيا خطاب ڪندا.