راولپنڊي – 08 – آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته پاڪستان شهيدن ۽ غازين جي قربانين جي ڪري سيڪيورٽي جي لحاظ کان سدائين جي لاءِ محفوظ ٿي چڪو آهي، موجوده حڪومت ملڪ کي مشڪل ترين معاشي حالتن مان ڪڍڻ جي لاءِ تمام گهڻو ڪم ڪيو، پاڪستان جي ترقي ۽ خوشحالي جو هڪ ٺوس نظام وجود ۾ اچي چڪو آهي، گڏجي اڳتي وڌنداسين ته ڪا به مشڪل اسان جي راهه ۾ رڪاوٽ نه ٿي وجهي سگهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن جي ايڇ ڪيو ۾ شهيدن جي گهرڀاتين ۽ غازين جي اعزاز ۾ منعقد تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. ان موقعي تي وفاقي وزيرن خواجه محمد آصف، مريم اورنگزيب، احسن اقبال، پاڪ فوج جي سربراهه جنرل سيد عاصم منير ۽ هٿياربند فوج جي اعليٰ آفيسرن کانسواءِ شهيدن جا گهرڀاتي ۽ غازين جو وڏو انگ پڻ موجود هو. وزيراعظم ملڪ جي دفاع لاءِ پنهنجي جانين جا نذرانا پيش ڪندڙ شهيدن ۽ غازين کي خراج عقيدت پيش ڪندي چيو ته پاڪستان جي دفاع جي لاءِ انهن جيڪي عظيم قربانيون ڏنيون ان جو مثال نه ٿو ملي، پاڪستان جي وجود ۾ اچڻ کان وٺي اڄ تائين انهن قربانين جو سلسلو جاري آهي. هن چيو ته هن عظيم ۽ پروقار تقريب ۾ شهيدن جي خاندانن ۽ غازين سان ملاقات منهنجي لاءِ فخر جو سبب آهي. وزيراعظم چيو ته ملڪ جي دفاع لاءِ شهيدن جرئت ۽ بهادري سان دشمن جو مقابلو ڪيو، اڄ پاڪستان کي قائم ٿئي 76 سال ٿيڻ وارا آهن، پاڪستان کي محفوظ بڻائڻ جي لاءِ شهيدن ۽ غازين جون قربانيون قيامت تائين ياد رکيون وينديون، اسان جي شهيدن ۽ غازين پنهنجي قربانين سان جيڪو رستو متعين ڪيو اسان کي ان تي هلڻو آهي. وزيراعظم چيو ته قوم پنهنجي شهيدن جي قربانين کي ڪڏهن به نه ٿي وساري سگهي. هن چيو ته پاڪستان هڪ ائٽمي طاقت آهي، شهيدن ۽ غازين جي قربانين سان سيڪيورٽي جي لحاظ کان پاڪستان قيامت تائين جي لاءِ محفوظ ٿي چڪو آهي، دشمن هاڻي اسان کي ميري اک سان نه ٿو ڏسي سگهي. وزيراعظم چيو ته موجوده حڪومت جي بي پناهه محنت جي ڪري پاڪستان مشڪل ترين حالتن مان نڪري آيو آهي، اسان سڀني کي گڏجي پاڪستان جي ٻيهر تعمير ڪرڻي آهي. هن چيو ته دنيا ۾ عزت ۽ وقار سان جيئڻ جون وڌيڪ گهرجون به آهن، اسان کي غربت ۽ بيروزگاري جو خاتمو ڪرڻو آهي، شهيدن ۽ غازين کي خراج عقيدت پيش ڪرڻ جو بهترين طريقو پاڪستان کي مغاشي لحاظ کان مضبوط ملڪ بڻائڻ آهي، وسيلن جي ونڊورڇ بدران وسيلن جي منصفاڻي ورڇ جي لاءِ هڪ نظام تي متفق ٿيڻو آهي، اسان سڀني کي گڏجي پاڪستان جي ٻيهر تعمير ڪرڻي آهي. هن چيو ته سڀاڻي اسان جي حڪومت جو مدو ختم ٿي ويندو، آئيني گهرج موجب اقتدار نگران حڪومت جي حوالي ڪري ڇڏينداسين. وزيراعظم چيو ته پاڪستان جي ترقي ۽ خوشحالي جو هڪ ٺوس نظام وجود ۾ اچي چڪو آهي، حڪومت ۽ سمورن ادارن گڏجي هڪ ٺوس نظام جوڙيو آهي، ملڪي ترقي ۽ خوشحالي جي لاءِ چار شعبن تي ڌيان ڏنو پيو وڃي، اسان کي زراعت جي شعبي کي ترقي ڏيڻي آهي، معدنيات جي کربين ڊالرن جي ذخيرن کي استعمال ۾ آڻڻو آهي، انفارميشن ٽيڪنالاجي کي فروغ ڏيڻو آهي، دفاعي صلاحيتن کي وڌيڪ مستحڪم ڪرڻو آهي. وزيراعظم چيو ته دنيا ۽ نار ملڪن مان اربين ڊالرن جي سيڙپڪاري متوقع آهي، جيڪڏهن اسان گڏجي اڳتي وڌنداسين ته ڪا به مشڪل اسان جي راهه ۾ رڪاوٽ نه ٿي وجهي سگهي. هن چيو ته آرمي چيف جنرل سيد عاصم منير ۽ سندس ٽيم پاڪستان جي ترقي جو جيڪو ماڊل ڏنو ان تي هو ساراهه جي لائق آهي، ايس آئي ايف سي پاڪستان جي ترقي جو روڊ ميپ آهي.