اسلام آباد – 11 – جنوري (اي پي پي) پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته ملڪي معيشت جي خلاف ڳالهيون ڪندڙن کي منهن ٽوڙ جواب ملي ويو آهي، پاڪستان جنيوا ڪانفرنس جي لاءِ 8 ارب ڊالر جو هدف رکيو هو، جنهن کي نه رڳو پورو ڪيو پر 9 ارب ڊالر کان وڌيڪ جو هدف حاصل ڪيو، سنڌ جي ٻوڏ متاثر علائقن ۾ سرديءَ جي ڪري متاثرين کي سخت مشڪلاتون درپيش آهن، انهن کي گرم ڪپڙن، ڪمبل ۽ کاڌي پيتي جون شيون فراهم ڪرڻ جي ضرورت آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن وزيراعظم سان گڏ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي ڪيو. پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري چيو ته اتحادي حڪومت جي ڪوششن جا مثبت نتيجا اچڻ شروع ٿي ويا آهن، ٻوڏ متاثرين جي عالمي امداد سان گڏ اسان کي پنهنجي وسيلن کي استعمال ۾ آڻڻو آهي، جنيوا ۾ پاڪستان جي نئين سر تعمير ۽ بحالي ۾ حصيداري جي موضوع تي ٿيندڙ عالمي ڪانفرنس اميدن کان وڌيڪ ڪامياب رهي، ڪاميابي تي وزيراعظم محمد شهباز شريف ۽ اتحادي حڪومت کي مبارڪباد ڏيان ٿو. هن چيو ته ڪوويڊ ۽ معاشي مشڪلاتن جي باوجود عالمي برادري پاڪستان سان گڏ بيٺل آهي. پرڏيهي وزير چيو ته ملڪي معيشت جي خلاف ڳالهيون ڪندڙن کي منهن ٽوڙ جواب ملي ويو آهي، پاڪستان جنيوا ڪانفرنس جي لاءِ 8 ارب ڊالر جو هدف رکيو هو، جنهن کي نه رڳو پورو ڪيو پر 9 ارب ڊالر کان وڌيڪ جو هدف حاصل ڪيو. بلاول ڀٽو زرداري چيو ته اتحادي حڪومت جي 8، 9 مهينن جي ڪارڪردگي ۽ وزيراعظم جي پرڏيهي پاليسي ڪامياب نظر اچي رهي آهي. هن چيو ته دنيا کي ٻڌايو ته ٻوڏ متاثرين جي امداد جي لاءِ پاڪستان 50 سيڪڙو پاڻ برداشت ڪندو جڏهن ته عالمي برادري 50 سيڪڙو مدد ڪري. پرڏيهي وزير چيو ته دنيا پاڪستان سان گڏ بيهي ساٿ ڏنو، سڀني اسان جو ساٿ ڏنو، اسان کي انهن واعدن کي پورو ڪرڻو آهي جيڪي اسان ٻوڏ متاثرين جي بحالي لاءِ ڪيا آهن. بلاول ڀٽو زرداري چيو ته اسان اهو تاثر ٽوڙيو آهي ته پاڪستان عالمي سطح تي اڪيلو آهي، هڪ تير سان ٻه شڪار ڪيا آهن. پرڏيهي وزير چيو ته عالمي مالياتي ادارن ۽ عالمي برادري پاڪستان جو ساٿ ڏنو آهي، يورپي يونين امداد ۾ وڌي چڙهي حصو ورتو جڏهن ته فرانس جهڙي ملڪ جتي ڪجهه عرصي تائين اسان جو سفير به نه هو، 380 ملين يورو جو اعلان ڪيو. هن چيو ته اڳوڻي حڪومت پاڪستان کي ڏيوالپڻو ڪرڻ جي لاءِ ڪا ڪسر نه ڇڏي پر ان جي ابتڙ پوري دنيا پاڪستان جي معيشت کي ڊيفالٽ نه ٿي ڏسڻ چاهي. هن چيو ته گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل ۽ فرانس جي صدر جيڪا آڇ ڪئي آهي ان مان فائدو کڻڻ گهرجي. هن چيو ته اهو تاثر دفن ٿيو ته پاڪستان اڪيلو آهي، گڏجي ڪم ڪرڻو پوندو ته جيئن پاڪستان جي ٻوڏ متاثرين تائين مدد پهچي سگهي. هن چيو ته ملڪ ۾ ٻوڏ متاثرين هن وقت به مشڪل ۾ آهن، ٻوڏ جي ڪيترن ئي مهينن کانپوءِ به متاثرين جو هڪ وڏو انگ بي گهر ۽ اهي کليل آسمان هيٺ رهي رهيا آهن. پرڏيهي وزير چيو ته ٻوڏ سان نه رڳو فصل تباهه ٿيا پر نئين فصل جي پوکيءَ به متاثر ٿي. هن چيو ته متاثرين جو انگ ۽ انهن جا مسئلا تمام وڌيڪ آهن، سنڌ ۽ ٻين متاثر علائقن ۾ سرديءَ جي ڪري متاثرين کي سخت مشڪلاتون درپيش آهن ۽ انهن کي گرم ڪپڙن، ڪمبل ۽ کاڌي پيتي جون شيون فراهم ڪرڻ جي ضرورت آهي. بلاول ڀٽو زرداري چيو ته اتحادي حڪومت 9 مهينن ۾ جيڪو ڪيو اهو اڳوڻي حڪومت 4 سالن ۾ به نه ڪري سگهي، اسان ٻوڏ متاثرين جي معاشي حالت بهتر بڻائڻ چاهيون ٿا. پرڏيهي وزير هڪ سوال جي جواب ۾ چيو ته هر سال ٻوڏ اچي ٿي پر اهڙي ٻوڏ ۽ برساتون پهريون ڀيرو ڏٺيون آهن، ٽيون حصو پاڪستان ٻوڏ ۾ ٻڏي ويو ۽ ملڪ جي وچ ۾ 100 ڪلوميٽر جي ڍنڍ بڻجي وئي، هي عام چوماسي نه هو، هي اسان جي لاءِ قيامت کان اڳ قيامت جو منظر هو جنهن تي اسان الله تعاليٰ کان به استغفار ڪريون ٿا. هن چيو ته موجوده حڪومت ريزيليئنٽ پاڪستان جو تصور ڏنو جنهن جو اڳ ۾ ڪو مثال نه ٿو ملي.