اسلام آباد – 11 – جنوري (اي پي پي) ناڻي واري وزير اسحاق ڊار چيو آهي ته اسپيشل ٽيڪس تي هاءِ ڪورٽ جي اسٽي جي ڪري ڊسمبر جا روينيو جا هدف مڪمل نه ٿي سگهيا، هن سال جي آخر تائين اسان اهي هدف حاصل ڪري وٺنداسين، آءِ ايم ايف سان باقي سبسڊيز جي حوالي سان ڳالهه ٻولهه ٿي آهي، اسان جيڪي به قدم کڻنداسين، ان سان عام ماڻهو تي ڪو بار نه پوندو. وزيراعظم سان گڏ پريس ڪانفرنس ڪندي ناڻي واري وزير اسحاق ڊار چيو ته ڪانفرنس ۾ وڃڻ کان اڳ اسان فيصلو ڪيو هو ته عالمي برادري جي آڏو 16.3 ارب ڊالر جو هدف جڏهن رکنداسين ته ان ۾ اڌ حصو اسان پاڻ پنهنجي وسيلن سان فراهم ڪرڻ جو اعلان ڪنداسين، اسان 8.15 ارب ڊالر جو هدف مقرر ڪيو هو، عالمي ڪانفرنس ۾ جيڪا واعدا ٿيا آهن ان ۾ 8 ارب ڊالر جا پراجيڪٽ لونز ۽ باقي عطيا آهن. ناڻي واري وزير چيو ته ڪانفرنس جي سائيڊ لائين تي عالمي مالياتي فنڊ سان تفصيلي ملاقات ٿي، آءِ ايم ايف بجلي ۽ گئس جي شعبي ۾ سڌارن جو چئي رهيو آهي، ڪجهه مالياتي معاملا جهڙوڪ اسپيشل ٽيڪس به اسان جي آڏو آهي، ان تي هاءِ ڪورٽ پاران اسٽي آهي، ان سان ڊسمبر جي روينيو جا هدف مڪمل نه ٿيا هئا، جڏهن ته پاڪستان جو موقف آهي ته هن سال جي آخر تائين اسان اهي هدف حاصل ڪري وٺنداسين. ناڻي واري وزير چيو ته آءِ ايم ايف پاران باقي سبسڊيز جي حوالي سان ڳالهه ٻولهه ٿي آهي، اسان جيڪي به قدم کڻنداسين، ان سان عام ماڻهو تي ڪو بار نه پوندو. ناڻي واري وزير چيو ته جنيوا روانو ٿيڻ کان اڳ هن واضح ڪيو هو ته پاڪستان جي پرڏيهي ناڻي جا ذخيرا 10 ارب ڊالر آهن، ماضي ۾ پاڪستان ۾ غيرملڪي پرڏيهي ناڻي جو هر سينٽ اسٽيٽ بئنڪ ۾ ويندو هو، فيبروري 1999ع ۾ اسان ان کي ٽن حصن ۾ ورهايو ۽ 30 جون 1999ع کانپوءِ پرڏيهي جي ذخيرن جي ڪاٿي جو طريقيڪار تبديل ٿيو جيڪي ماڻهو ان حوالي سان پروپئگنڊه ڪري رهيا آهن، هي اهي ئي ماڻهو آهن جن 24 هين معيشت کي 47 هين نمبر تي بيهاريو، هاڻي به انهن کي ڪا سٺي ڳالهه هضم نه ٿي رهي آهي، اسان جنيوا ۾ ملڪ جي لاءِ ڪم ڪري رهيا هئاسين ۽ هي هتي ويهي ٽوئيٽس ڪري رهيا هئا ته ڪمرشل بئنڪن مان پئسا ڪڍيا پيا وڃن. هن چيو ته حڪومت سموري منصوبابندي ڪري ورتي آهي، پريشاني جي ڪا ضرورت نه آهي، الله انهن ماڻهن کي هدايت ڏي جيڪي ملڪ جي ڏيوالپڻو ٿيڻ جو راڳ آلاپي رهيا آهن. هڪ سوال تي ناڻي واري وزير چيو ته نئين سر تعمير ۽ بحالي جي ٽن سالن جو منصوبو ٺاهيو ويو آهي، موجوده شرح جي حساب سان 650 ارب رپيا حڪومت پنهنجي وسيلن سان فراهم ڪندي، ان ڏس ۾ وفاقي حڪومت جي سالياني ترقياتي پروگرام ۽ صوبن جي سالياني ترقياتي پروگرام سان معاونت حاصل ڪئي ويندي، صوبن سان ان حوالي سان ڳالهه ٻولهه ٿي آهي. ناڻي واري وزير چيو ته اوڳاڙين ۾ گهٽتائي کي پورو ڪرڻ جي لاءِ حڪومت قدم کڻندي جڏهن ته ان جو ڪاٿو وڌيڪ نه هوندو ۽ ماڻهن تي به ان جو بار نه وڌو ويندو. ناڻي واري وزير اسحاق ڊار هڪ سوال جي جواب ۾ چيو ته گئس جي گردشي قرضن ۾ به اضافو ٿيو آهي ۽ هن وقت اهي 1600 ارب رپيا آهين، صارفين تي بار نه وڌو ويندو، گردشي قرضن کي گهٽ ڪنداسين.